120

منهنجو فوج سان جهيڙو ناهي، فوج جو احترام ڪندو آهيان: حامد مير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽ (آر آءِ يو جي) ۽ نيشنل پريس ڪلب جي ڪميٽي حامد مير سان 28 مئي جي تقرير بابت ملاقات ڪئي، ان موقعي تي حامد مير ڪميٽي جي سامهون وضاحت ڪندي چيو ته 28 مئي تي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران پي ايف يو جي مظاهري ۾ صحافين تي وڌندڙ حملن جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي چند صحافي  سخت تقريرون ڪيون، منهنجي تقرير جو غلط تاثر ورتو ويو، مان واضح ٿو ڪيان ته مون تقرير ۾ ڪنهن فرد جو نالو نه ورتو ۽ نه ئي منهنجو فوج سان جهيڙو آهي، آئون فوج جو احترام ڪندو آهيان، مون سياچن کان وٺي لائن آف ڪنٽرول تائين، فاٽا کان بلوچستان تائين فوجي ڀائرن جي قربانين کي تمام ويجهو کان ڏٺو آهي ۽ ان جي ڪوريج کي فخر جوڳو سمجهان ٿو،  منهنجو مقصد هرگز ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، پر منهنجي لفظن سان ٿيندڙ تڪليف تي دل سان معذرت ڪيان ٿو. ان سان گڏوگڏ حڪومت کي اپيل ڪيان ٿو ته صحافين تي ٿيندڙ حملن جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ حملي جي ذميدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ان لاءِ صحافين جي تحفظ جي سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾  جلد قانونسازي پڻ ڪئي وڃي، هوڏانهن ڪميٽي ان بيان سان  اتفاق ڪيو ۽ توقع ڪئي ته هاڻي اهو معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو