97

وفاقي ملازمن ۽ گهرڀاتين لاءِ جلد ڪورونا ويڪسينيشن جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين سي او سي وفاقي ملازمن ۽ گهرڀاتين لاءِ جلد ڪورونا ويڪسينيشن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اين سي او سي وفاقي سيڪريٽريز کي ملازمن جي ويڪسينيشن جي ذميواري سونپي اهي، جڏهن ته وفاقي ملازم پنهنجا ۽ گهرڀاتين جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا، وفاقي سيڪريٽريز اين سي او سي کي ملازمن جي ويڪسينيشن جي تفصيلن کان آگاهه پڻ ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو