132

کنڊ،ڪڻڪ،دوائن ۽ براڊ شيٽ تي وزيرن ۽ مشيرن پئسا کاڌا:شاهد خاقان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته کنڊ، ڪڻڪ، دوائن ۽ براڊ شيٽ تي وزيرن ۽ مشيرن پئسا کاڌا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ڌڪيندڙ حڪمرانن کي عوام عبرت جو نشانو بڻائيندو، هن چيو ته ڪيئن حڪومتي مشينري استعمال ڪري اربين رپيا ڪمايا ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم صحيح چيو ته جنهن ملڪ ۾حڪمران ڪرپٽ هجن اهو تباهه ٿي ويندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو