اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته عالمي ميڊيا ۾پاڪ-آمريڪاڳالهين جون خبرون گرم آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهي کاتو ته آمريڪا کي فوجي اڏا ڏيڻ بابت ڳالهين کان لڳاتار انڪار ڪري رهيو آهي، اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾منظور ڪيل شرطن جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته عوام کي اعتماد ۾وٺڻ جي لاءِ جلد پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي.
