ليکڪ: فهد علي جانوري
سنڌو هر روز ٿورو ٿورو ٿي ختم ٿي رهيو آهي، هزارين سالن کان ڪروڙين انسانن توڙي ٻي حياتيات جي جياپي جو سبب بڻيل ڊائون اسٽريم گهربل پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب هٿرادو ڏڪار جي ور چڙهيل آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ جي ڪناري سان آباد دنيا جنهن کي انڊس ڊيلٽا چئجي ٿو سو ڊيلٽا پڻ سنڌو ۾ پيدا ڪيل هٿرادو ڏڪار سبب آهستي آهستي مري رهي آهي. اها انڊس ڊيلٽا جنهن کي هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي گهرجي، تنهن ۾ گذريل ڪجهھ سالن کان رڳو هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مس ڇوڙ ٿيو آهي، ٻوڏ وارن سالن کي ڇڏي انڊس ڊيلٽا جون اکيون 10 ايم اي ايف پاڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ ترسي ويون آهن، اها ڳالهھ تاريخ ۾ درج ٿيل آهي ته انڊس ڊيلٽا 1833ع ۾ 12 هزار 9 سئو چورس ڪلوميٽر پکيڙ رکندو هو، سو گذريل 200 سالن ۾ 92 سيڪڙو تائين سُڪڙجي ويو آهي، بچيل انڊس ڊيلٽا هاڻي رڳو هڪ هزار چورس ڪلوميٽرن تائين بچيو آهي، انڊس ڊيلٽا ۾ ساحلي ٻيلن جا وڏا خزانا هجن ٿا، ڊيلٽا درياهه ۽ سمنڊ جي ميلاپ سان وجود ۾ اچن ٿا، ڊيلٽا کي مينگرووز فاريسٽ يا سنڌيءَ ۾ تمر جا ٻيلا به چيو ويندو آهي. تمر جا ٻيلا دنيا جي سطح تي وڏي اهميت رکن ٿا ڇو ته هنن اندر اهي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ڦٽن ٿا جيڪي ٻي ڪنهن جاءِ تي نه ٿا ڦٽي سگهن، هنن کي مٺي ۽ کاري ٻنهي پاڻين جي ضرورت ٿئي ٿي، سنڌ جو هي ڊيلٽا ۽ ان جو جهنگ دنيا جو ڇهون نمبر وڏو ساحلي جهنگ آهي جنهن جي خاصيت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هت وڻن ۽ ٻوٽن جون ڪيئي جنسون هيون جن مان الڳ الڳ فائدا هئا. هڪ اندازي موجب جڏهن هي انڊس ڊيلٽا پنهنجي اوج تي هو ته هت انهن وڻن جون اٺ جنسون هيون جن مان دوائون به ٺهيون ٿي ۽ ٻارڻ جي ڪم به آيا ٿي، گڏوگڏ انهن جو ڪاٺ عمارتن جي اڌاوت جي لاءِ به بيحد فائديمند آهي.
ڊائون اسٽريم يا ڊيلٽا ڪيئن تباھ ٿي؟ ڊيلٽا جي تباهي جو وڏو سبب ڊيم ۽ بئراج آهن جن جي اڏاوت سان ئي ڊيلٽا کي اهو پاڻي پورو نه ملي سگهيو جنهن سان هو پنهنجو حسن برقرار رکي سگهي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڊيلٽا ۾ تمر جي جهنگ اندر پيدا ٿيندڙ وڻن جون جنسون گهٽجنديون ويون ۽ اهي اٺن مان وڃي چار پنج جنسون بچيون آهن، جيڪي جنسون ختم ٿي ويون انهن کي ته ڇڏيو پر هي جنسون جيڪي بچيل آهن، ۽ هر ڪا جنس پنهنجي حساب سان نهايت فائديمند آهي انهن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ جيڪو پاڻي وڃي ٿو اهو سمنڊ ۾ وڃي ضايع پيو ٿئي ان ڪري پاڻي کي ان طرف نه وهايو وڃي پر اسين اهو ڏسون ئي نه ٿا ته هي پاڻي جيڪڏهن سمنڊ ۾ وڃي ٿو ته اهو اسان کي ڪيترا فائدا ڏئي ٿو، اسان جا هزارين ايڪڙ ٻيلا تباهي کان بچن ٿا جيڪا گلوبل وارمنگ لاءِ بهترين حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي ان کانسواءِ اتان جي وڻن جي جنسن مان اسان کي ڪيترائي فائدا آهن جن مان دوائن سان گڏ ٻيون به گهڻيون شيون ملن ٿيون پر هن دؤر ۾ رهندڙ اسين شاهوڪار ماڻهو فقط ان ڪري ته اسان جي گهر اندر جيڪا آخري ڪنڊ اندر نلڪي لڳل آهي به ان ۾ به پاڻي اچڻ گهرجي ۽ اسان جي ماڙي ڀل پنج ماڙ هجي پر آخري ماڙ جي آخري ڪمري ۾ به لائيث بلڪل ايئن ئي هجي جيئن پهرين ماڙ جي پهرين ڪمري ۾ اسين اهو نه ٿا ڏسون ته اسان جي ان عياشي جي قيمت ڪير پيو ادا ڪري هن لائيٽ ۽ نلڪي جي پاڻي جو اسين ته فقط بل ٿا ڏيون پر ڪجهھ ماڻهن جون زندگيون ان ڪري ويران ٿي پيون آهن ته اسان انهن سهولتن لاءَ جيڪي ڊيم ۽ بئراج ٺاهيا آهن انهن سان ماحوليات تي ڪيڏو اثر پيو آهي.
انڊس ڊيلٽا جا فائدا: ڊيلٽا اندر صدين کان آباد ٿيل ماڻهو جيڪي لکن جي تعداد ۾ آهن انهن جي زندگي ان ڊيلٽا جي پاڻي تي ئي گذري ٿي. هو اتي مڇي جو شڪار ڪري ۽ ٻني ٻارو ڪري پنهنجو گذر ڪندا هئا، جڏهن درياهه جو پاڻي سالن کان نه آيو ته نتيجي ۾ سمنڊ اڳتي وڌي آيو جنهن سان هنن جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون تباهه ٿيڻ لڳيون ۽ آهستي آهستي هنن جو روزگار ختم ٿيندو ويو، ايتري قدر جو اتان جا وڏا شاهوڪار ماڻهو به بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا، هنن جون زمينون جيڪي پهريان لکن جي اگهن پئي وڪاميون، هاڻ انهن جا ڪو هزار به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اسان جي حڪمرانن ۽ ان جي زندگي لاءِ اهي فيصلا ڪندڙن اهو به پلان نه ڪيو ته آخر هي لکين ماڻهو روزگار ختم ٿيڻ بعد ڇا ڪندا؟ ڪيئن پنهنجي زندگي جي گاڏي هلائيندا، پر انهن کي انهن جي حال تي ڇڏي هو فقط اها پلاننگ ڪندا رهيا ته هڪ ڊيم مان ڪيتري بجلي ٺهي سگهي ٿي ۽ هڪ بئراج سان ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪي سگهجي ٿو. (هلندڙ)