112

ايڪو سسٽم جي بحالي جو عالمگير مقصد…

ليکڪ: علي باسط

گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هر سال 5 جون تي ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته جيئن عالمي سطح تي ماحول جي تحفظ ۾ واڌ ٿئي ۽ رياستن کي عملي قدمن جي ترغيب ڏئي سگهجي، 1974ع کان ان ڏينهن کي هر سال باقاعدگي سان ملهايو پيو وڃي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن مطابق ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان ترغيب ۾ هڪ اهم مقام وارو آهي، گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام يو اين اي پي تحت سڄي دنيا ۾ تقريبن 150 ملڪ، اهم ڪارپوريشنون، غير سرڪاري تنظِمون ۽ سول سوسائٽيون اهو ڏينهن ملهائڻ حصو وٺن ٿيون، ته جيئن ماحولياتي مسئلن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري سگهجي، هلندڙ سال ايڪو سسٽم جي بحالي، عالمي ماحولياتي ڏينهن جو عنوان هو، جنهن جو مقصد تنزلي جو شڪار ماحولياتي نظام جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي، ماحولياتي نظام جي تباهي کان اڳ ان امر تي روشني وجهڻ جي ضرورت آهي ته اصل ۾ ماحولياتي نظام (ايڪو سسٽم) آهي ڇا؟ هي پنهنجي قدرتي رهائشگاهه ۽ پنهنجي ماحول جي غير جاندار جزن سان جاندار ۽ غير جاندار حياتيات جي هڪ ڪميونٽي آهي، ان ۾ 2 وڏا جزا شامل آهن، هڪ جاندار ۽ ٻيو غير جاندار، غير جاندار شين ۾ هوا، پاڻي، سج جي روشني، غذائي جزا ۽ گرمي پد شامل آهن، جڏهن ته جاندار جزن ۾ نظام ۾ موجود سموري حياتيات مثال طور ٻوٽا، جانور، ڪائي، مائيڪرو حياتيات ۽ انسان شامل آهن.ماحولياتي نظام جي انحرافي هڪ ماحولياتي مسئلو آهي، جيڪو مختلف جاندارن جي زندهه رهڻ جي صلاحيت کي گهٽائي ٿو، گذريل 50 سالن ۾ ماحوليات ۽ ماحولياتي کوٽ جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي رهي آهي، اهو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن زمين جا قدرتي وسيلا مثال طور پاڻي، هوا ۽ مٽي، قدرتي عمل (طوفان، ٻوڏ ۽ ٻيلي جي باهه) زراعت جي غلط طريقن، زمين جي ناقص استعمال، انسانن طرفان پکڙجندڙ گدلاڻ جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جنهن سان اسان جي ٻيلن جي زندگي، ٻوٽن، جانورن ۽ مائيڪرو حياتيات گهرو اثر پوي ٿو، وڌيڪ اهو ته غير موثر عالمي پاليسيون ماحول جي مستقبل کي هڪ نازڪ صورتحال ۾ ڇڏي ڏين ٿيون، جنهن سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي، اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته صدي جي پڇاڙي تي زمين جي گرمي پد ۾ 11 ڊگري فارن هائيٽ تائين واڌ ٿيندي. جيڪڏهن اسان ايڪو سسٽم کي اهڙي طريقي سان ئي گدلو ڪندا رهنداسين نه صرف جانور  پر انسان به جلد ناپيد ٿي ويندا ۽ زمين ڪڏهن به رهائش جي لائق ماحولياتي نظام نه بڻجي سگهندي، انساني سرگرمين سان سامونڊي ۽ ٻئي آبي ماحول مان حاصل ٿيندڙ فائدن کي نظرانداز ڪندي انهن کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃڪڙي ذريعي دنيا جو اڪثر ماحولياتي نظام تبديل ٿي ويو آهي. ان ڪري حياتياتي ڪميونٽي ۽ ماڻهن جي معاشي فائدن لاءِ ماحولياتي نظام جي بحالي لازمي آهي، هي هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو ماحولياتي سالميت جي بحالي ۾ مدد ڪري ٿو، ماحوليات جي بحالي لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقن ۾ ڀڃڪڙي جو عمل گهٽائڻ، بحالي، واڌ ويجهه ۽ ماحولياتي انجنيئرنگ شامل آهن. بين الحڪومتي سائنس پاليسي پليٽ فارم فار بائيو ڊائيورسٽي اينڊ ايڪو سسٽم سروسز جي تازي رپورٽ مطابق تقريبن 10 لک وڻن ۽ جانورن جا قسم ختم ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ حياتياتي ڊائيورسٽي ۾ ٿيندڙ نقصانن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ڪيتريون ئي  بيماريون ۽ وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ ٿئي ٿي، آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن اينڊ ڊولپمينٽ جي 2019ع جي هڪ رپورٽ مطابق 2010 کان 2015ع جي وچ ۾ قدرتي ٻيلن ۾ ساليانو 6.5 ملين هيڪٽر ايراضي تائين گهٽتائي، جڏهن ته 1970ع کان 2015ع تائين قدرتي آبي علائقن ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورل ڪو بليچنگ مان خطرو آهي ۽ 1970ع کان پوءِ ڪرنگهي جي هڏي وارا 60 سيڪڙو جاندار ختم ٿي چڪا آهن. انهن اهم تبديلين جي سبب ۾ زميني استعمال کان ان جي صورت ۾ تبديلي، قدرتي وسيلن، ٻوٽن ۽ جانورن جو استحصال، گدلاڻ، نامناسب قسم جي واڌ ويجهه (مقامي پرجاتين سان ڪراس بريڊنگ ۽ بيمارين جي پکيڙ سان حياتياتي ڊائيورسٽي کي خطرو) ۽ آبهوا م تبديلي ڪار فرما آهن، او اي سي ڊي جي هڪ اندازي مطابق هڪ سال ۾ حياتياتي ڊائيورسٽي جا فائدا 125 کان 140 ٽريلين آمريڪي ڊالر آهن، جيڪي عالمي جي ڊي پي جي ڪاٿي کان به ڏيڍ ڀيرا وڌيڪ آهن. پر ايڪو سسٽم جي مستقل زوال جي ڪري فطرت جي انساني ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو