247

نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رهڻي ناهي رات…

ليکڪ: پروفيسر گل محمد سومرو

انسان ۾ شعور ان وقت پيدا ٿيڻ شروع  ٿيو جڏھن ان علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي قدرت جي نعمتن کي سمجھڻ، انھن مان فائدو حاصل ڪرڻ، پنھنجي لاءِ غذا ڳولڻ ۽ جسم ڍڪڻ جو انتظام ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، آھستي آھستي اڳتي ھلي انسان ۾ جڏھن شعور پيدا ٿيو ته انسان تڪبر ڪرڻ لڳو، ان تڪبر جي ڪري قبيلن ۽ گروھن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ انسان جي ذھن ۾ نفرت جنم ورتو، اھڙي صورتحال ۾ الله جي ذات انسانن جي اصلاح جي لاءِ پيغمبر موڪلڻ شروع ڪيا ۽ آسماني ڪتاب اچڻ جي شروعات ٿي، آسماني ڪتابن جي ذريعي الله انسان کي علم جي دولت سان مالا مال ڪرڻ لاءِ صحيح، غلط، فائدي ۽ نقصان جو فرق بيان ڪري ٻڌايو. انھن طريقن ۽ حڪمن جي پيروي ڪرڻ لاءِ عملي طريقو سمجھائڻ لاءِ الله تعاليٰ پيغمبرن کي موڪليو. اھڙيءَ ريت جن ايمان آندو انھن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ماڻي، جن حقيقت کي سمجھڻ کان انڪار ڪيو، اھي دنيا ۾ ته رسوا ٿيا پر پنھنجي آخرت به وڃائي ويٺا، ڪائنات جي خالق اسان جي نبي ڪريم صه جن کي به علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تلقين ڪئي آھي، ان کانپوءِ دنيا جي عالمن، مفڪرن، ولين، بزرگن، اديبن، سائنسدانن ۽ بادشاھن ھر دور ۾ علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو، ھن وقت دنيا جا ڪيترائي ترقي يافته ملڪ پنھنجي قومن کي علم جي طاقت سان طاقتور ڪرڻ لاءِ، نئين نسل کي تعليم جي زيور سان سر شار ڪرڻ لاءِ، ملڪي معيشيت کي تعليم جي طاقت سان ھٿي ڏيارڻ لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ علم حاصل ڪرڻ جا جديد طريقا ۽ سھوليتون مھيا ڪري رھيا آھن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مفت تعليم جا مناسب بندو بست ڪيل آھي، دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ علم حاصل ڪندڙ ۽ علم پکيڙيندڙ کي نھايت عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي بنگلا ديش جيڪو اسان کان 50 سال اڳ ڌار ٿيو، ان جي سِڪي تي ڪنھن بادشاھه يا قومي ھيرو جي تصوير نه پر ھڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيءَ جي تصوير اُڪريل آھي، مطلب ته انھن به ان حقيقت کي سمجھندي ان ڳالهھ کي ئي ترجيح ڏني ته جيڪڏھن ملڪ کي دنيا ۾ ترقي ڏيارڻي آھي ته علم کي عام ڪرڻو پوندو، اڄ بنگلا ديش ڪيترو اڳتي وڌي چڪو آھي، ڪيتري ترقي ماڻي چڪو آھي. ان جي حقيقت دنيا کان ڳجھي نه آھي، اسان جي ملڪ  جو آئين ته ٽي ڀيرا ٺاھيو ويو پر ان ۾ سياستدانن جي اعليٰ تعليم يافتا ھجڻ ۽ ان آئين تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو ڪو به شرط نه رکيو ويو، وفاقي حڪومت ھجي يا صوبائي انھن تعليم کي عام ڪرڻ بدران، تعليمي ادارن ۾ سڌارا آڻڻ بدران، سرڪاري اسڪولن جون ڪارڪردگيون بھتر بنائڻ بدران، سرڪاري ادارن نالو روشن ڪرائڻ بدران، سرڪاري استادن کي پنھنجون ذميواريون صحيح طريقي سان نڀائڻ جي تربيت ڏيڻ بدران، سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي انگ کي وڌائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ بدران گذريل 15 مھينن کان ڪرونا جي آڙ ۾ تعليمي ادارن کي تالا ھڻي ڇڏيا آھن. تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان نه رڳو ملڪ ۾ جھالت جو ٻج ٿو ڇٽيو وڃي پر معاشي سطح تي ڪيتري بيروزگاري وڌي آھي، ڪيترن مجبور ۽ بيوس انسانن بک ۽ بدحاليءَ جي گهاڻي ۾ پيسجندي پيسجندي نيٺ آپگهات جو لباس پائي ھن دنيا کي الوداع چيو. ڪيترن ئي بيروزگار استادن، ڪينٽين وارن، وين ڊرائيورن، اسٽيشنري جي دڪاندارن جا ٻار بک ۽ بد حاليءَ سبب بيمار ٿي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا آھن انھن معصوم ٻارن جي موت بعد انھن جون امڙيون ۽ والد جيئري ئي برباد ٿي چڪا آھن. پر اسان جي ھنن حڪمرانن کي انسانيت جي ناتي ڪنھن قسم جو احساس ئي ڪو نه آهي، پر هن قوم جي ماڻهن به ان شعر وانگر ته نيٺ ته ٿيندو سوجھرو، رھڻي ناھي رات. تي عمل ڪندي ڏکيا ڏينهن گذاريا آهن ۽ هاڻ جڏهن وري اسڪول کلي چڪا آهن ته اسان جون ذميواريون به وڌي ويون آهن، اسان کي هڪ قوم وانگر 15 مهينن جي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڏينهن جو سج ۽ رات جو ڏيئي وانگر ٻري پنهنجي مستقبل کي علم جي روشني ڏيڻي پوندي ۽ ان ڳالهه جو احساس ڪرڻو پوندو ته اسان جو جيترو به نقصان  ٿيو آهي ان جو پوراءُ جلد کان جلد ممڪن بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو