113

پاڪستان جا وڌندڙ پرڏيهي قرض ۽ ملڪ جو مستقبل…؟؟

ايڊيٽوريل

پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ مطابق ملڪ تي پرڏيهي قرضن ۾ 3 سيڪڙو واڌ  ٿي چڪي آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال مارچ تائين پاڪستان مٿان پرڏيهي قرض 116 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي ۽ گذريل سال مارچ تائين اهي قرض 109 ارب 92 ڪروڙ ڊالر هئا، اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته جولاءِ کان اپريل تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 77 ڪروڙ ڊالر سر پلس رهيو آهي ۽ ان عرصي ۾ ناڻي جي ترسيلات ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هلندڙ مالي سال جي 10 مهينن ۾ ناڻي جي ترسيلات 24 ارب 24 ڪروڙ ڊالر رهي آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي 10 مهينن ۾ ناڻي جي ترسيلات 18 ارب 79 ڪروڙ ڊالر هئي، سعودي عرب مان 6 ارب 29 ڪروڙ ڊالرن جي ناڻي واري ترسيلات آئي آهي، مرڪزي بئنڪ مطابق هڪ سال ۾ جي ڊي پي ۾ 13 ارب 38 ڪروڙ ڊالر جي واڌ ٿي آهي ۽ مارچ ۾ جي ڊي پي 305 ارب ڊآلر ٿي ويو هو، جڏهن ته گذريل سال مارچ ۾ جي ڊي پي 292 ارب 47 ڪروڙ ڊالر هو. اسان سمجهون ٿا ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي  جو هن ملڪ مٿان پرڏيهي قرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، رپورٽن مطابق موجوده حڪومت پنهنجي ٽن سالن واري دور ۾ 19.63 ارب ڊالرن جا پرڏيهي قرض واپس ڪيا پر پراڻن قرضن جي واپسي لاءِ نئون قرض ايترو ته ورتو ويو آهي، جنهن جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي يعني هڪ طرف حڪومت قرض لاهڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي پر ٻئي پاسي جيڪو قرض چڙهي رهيو آهي، اهو ان ادا ٿيندڙ قرض جي ڀيٽ ۾ ٽيڻو ۽ چئوڻو وڌي رهيو آهي، سولي سنڌيءَ ۾ ائين چئجي ته اسان هڪڙو بار لاهڻ لاءِ پاڻ مٿان 4 ٻيا بار چاڙهي رهيا آهيون، رپورٽن مطابق قرضن جي حد جي قانون ايف آر ڊي ايل اي مطابق حڪومت جي جي ڊي پي جو وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو قرض وٺي سگهي ٿي پر مارچ 2020ع ۾ اسان جا قومي قرض جي ڊي پي جي 87 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي چڪا آهن. جيڪا انتهائي خطرناڪ حد آهي، موجوده حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ ان بجيٽ بابت جاري ٿيل انگن اکرن مطابق خسارو 6 سيڪڙو رکيو آهي، جيڪو تقريبن 3154 ارب رپيا ٺهي ٿو، هاڻ سوال اهو آهي ته رڳو اندازن سان ڇا ملڪ هلائي سگهجي ٿو؟ حڪومت ۽ ان جا ادارا بجيٽ کان اڳ اندازا هڻي رهيا آهن ته اسان هيترو ٽئڪس گڏ ڪري وٺنداسين يا اسان هي هي ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، سڀ کان اهم ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته موجوده بجيٽ وفاقي حڪومت بدران آءِ ايم ايف ٺاهي رهي آهي، جيڪو پاڪستان کي سڀني کان وڌيڪ قرض ڏيندڙ ادارو آهي ۽ ان سان حڪومت جي ٺاهن ۾ طئه ٿيل شرط ته تمام گهڻا خطرناڪ آهن، موجوده حڪومت جنهن ماضي جي حڪومتن مٿان ڪرپشن جي ڪئمپيئن هلائي ڪاميابي ماڻي هئي ان هن ملڪ جي هر ماڻهو مٿان قرض جو هڪ اهڙو بار چاڙهي ڇڏيو آهي جيڪو لاهڻ لاءِ به اسان جا شايد ڪيترائي نسل لوڙيندا، اسان سمجهون ٿا ته ملڪن جي ترقي قرضن سان ناهي ٿيندي پر حڪمت عملي ۽ پنهنجن وسيلن کي استعمال ڪرڻ سان ٿيندي آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان هاڻ ڪستو کڻڻ ڇڏي پنهنجن وسيلن تي ڀاڙيون ۽ پرڏيهي قرض ۾ ملڪ کي وڌيڪ گروي رکڻ کان پاسو ڪريون ائين نه ٿئي ته اسان جو سڀ ڪجهه داءَ تي لڳي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو