لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ويرات ڪوهلي کي هڪ دفعو ٻيهر پٺيان ڇڏي ڏنو آهي، رپورٽ مطابق 2019ع کان هن وقت تائين ٿيندڙ ٽي-20 ميچز ۾ بابراعظم ٽاپ اسڪورر رهيو، پاڪستاني ڪپتان 26 اننگز ۾ 1004 ۽ ڀارتي ڪپتان ڪوهلي 24 اننگز ۾ 992 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آئرلينڊ جو اوپنر پال اسٽرنگ بابر ۽ ڪوهلي کانپوءِ ٽيون بيٽسمين آهي جنهن ٽي-20 ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيون.
