اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 77 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار 118 متاثر ٿيا آهن. ڪورونا سبب متاثر ٿيڻ جي شرح گهٽجڻ کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر ڪورونا وائرس سبب لڳايل پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ماس ويڪسينيسن مهم لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وئي. اين سي او سي جي پڌرائيءَ موجب سڀني سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي، انهن کي 30 جون تائين ويڪسين لڳرائڻي پوندي، سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن مرڪز 11 جون کان صبح 8 کان رات 10 وڳي تائين کليل رهندا، جڏهن ته آچر ڏينهن سينٽر بند هوندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 11 جون کان 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو واڪ ان (ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر تي وڃي) ويڪسين ڪرائي سگهندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ ڪاروبار هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن بند هوندو، ڪاروبار ڪهڙي ڏينهن بند رکڻو آهي، اهو فيصلو صوبا ڪندا، جڏهن ته 50 سيڪڙو ورڪ فرام هوم پاليسي ۾ به نرمي ڪئي وئي آهي، هاڻ آفيسن ۾ 100 سيڪڙو حاضري سان ڪم جاري رکي سگهبو. اين سي او سي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ جي ٻه ڏينهن بندش ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافرن جي پابندي ۾ پڻ نرمي ڪئي وئي، هاڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 70 سيڪڙو مسافر ويهارڻ جي اجازت هوندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مزارون ۽ سنيما گهر في الحال بند رهندا، رڳو هڪ ٻي کان پر ڀرو رهڻ وارين راندين جي اجازت ڏني وئي، ڪراٽي، باڪسنگ، مڪس مارشل آرٽ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ريسلنگ سميت هڪ ٻي سان ويجهڙائي وارين راندين تي پابندي برقرار رهندي، هر طرح جي ميلن ۽ تقريبن تي پابندي برقرار رهندي. اين سي او سي چيو آهي ته ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق جو طريقو جون جي آخر تائين جوڙيو ويندو، فيصلن تي عمل 15 جون کان ٿيندو. ٻي پاسي فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ فيڊرل بورڊ چيئرمين قيصر عالم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نائين کان ٻارهين جا امتحان 10 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين ٿيندا، ٻارهين ۽ ڏهين جا امتحان اڳ ۾ ٿيندا، جڏهن ته نائين ۽ يارهين جا امتحان پوءِ ٿيندا، امتحانن جي نتيجن جي بنياد تي ٻار يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي سگهندا.
133