205

وفاقي بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندو، نئون ٽئڪس نه لڳندو، اوڳاڙين جو هدف 5800 ارب روپيا مقرر

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جو  وفاقي بجٽ سڀاڻي جمع ڏينهن پيش ٿيندو. وفاقي بجٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو. روينيو ۾ اضافي ۽ ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ قومي معيشت جي واڌ ويجهه جي شرح 3.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، وفاقي بجٽ ۾ سنڌ جي ڪجهه ضلعن لاءِ فنڊ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو اهو ٽيون بجٽ آهي، جيڪو اهڙي موقعي تي پيش ڪيو پيو  وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽين لهر کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جون معيشتون متاثر ٿيون آهن، قومي اسيمبلي ۾ نئين مال جو وفاقي بجٽ ناڻي وارو وزير شوڪت ترين پيش ڪندو، سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي ڏکيائين ۽ چئلينجن باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. نئين وفاقي بجٽ ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن عوامي ڏکيائين ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي جي ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. مالياتي نظم ۽ ضبط سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ لاٿ، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو،سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي سميت عوام دوست پاليسيون، بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون. نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويو آهي. بجيٽ ۾ بهتر حڪمراني لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جي اعلان جي اميد آهي. حڪومت بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين ئي فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا، ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا، ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئين وفاقي بجٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ اڄ خميس ڏينهن پيش ڪئي ويندي. سروي ۾ هلندڙ مالي جي مختلف معاشي شعبن جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي وئي آهي، هلندڙ مالي سال قومي معيشت جي واڌ ويجهه جي شرح 3.94 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جنهن جو بنيادي سبب زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ ٿيندڙ ترتيب وار 2.77 سيڪڙو، 3.57 سيڪڙو ۽ 4.43 سيڪڙو جي واڌ ويجهه جي شرح آهي. واضح رهي ته گذريل مالي سال جي لاءِ ملڪي معيشت جو نظرثاني ٿيل هدف منفي 0.47 سيڪڙو هو، حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام جي بجيٽ ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي، پي ايس ڊي پي جو محور بنيادي ڍانچي جي بهتري، آبي وسيلن جي ترقي، سماجي شعبي جي بهتري، علائقائي برابري، اسڪل ڊولپمينٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي جو فروغ ۽ ماحوليات جي حوالي سان قدم هوندا، پي ايس ڊي پي ۾ حڪومتي پاليسي موجب انهن علائقن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو جيڪي پوئتي رهجي ويا آهن ان ڏس ۾ ڏکڻ بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه ضلعن توڙي گلگت بلتستان لاءِ مناسب فنڊ مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ به فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح خيبر پختونخوا ۾ضم ٿيل علائقن لاءِ به 54 ارب روپين جا فنڊ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ لاءِ سڀني تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو