139

ڏهرڪي ٽرين حادثي جي شروعاتي جاچ مڪمل،ريلوي جا 9 آفيسر ۽ ملازم معطل

ڪراچي/لاهور(ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ٽرين حادثي جي شروعاتي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، ريلوي جا 9 آفيسر ۽ ملازم معطل ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب ريلوي کاتي حادثي جي شروعاتي جاچ تحت ذميوارن آفيسرن ۽ ملازمن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت دي ايم اي ٽو لاهور محمد عمران، سکر ريلوي جو غلام قادر لاکو، نهال خان  ۽ عبدالعزيز کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته ميرپورماٿيلو ريلوي جو آفيسر قاضي شمس الدين ۽ ڪراچي ريلوي جو آفيسر ابتسام الحسن معطل ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي جو آفيسر ڊپٽي ڊي ايس شوڪت شيخ، مجيب الرحمان ۽ مسرور احمد به معطل ڪيا ويا،جاچ اختيارين کي پيش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي چيو آهي ته ڪوچ نمبر 10 جا بفر گم هئا،بلٽ ٽٽل ۽ جوائنٽ کليل هو، لاهور ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم سواتي چيو ته ريسڪيو ٽرين اڍائي ڪلاڪ دير سان پهتي،جنهن جا ذميوار اسان آهيون، هن چيو ته مسافرن ٻڌايو ته ملت ايڪسپريس جا ڊٻا معمول کان وڌيڪ لڏي رهيا هئا، جنهن جي شروعاتي جاچ رپورٽ ۾22 ڄڻن کي حادثي جو ذميوار قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن استعيفيٰ 63 قيمتن جانين جو نعم البدل آهي ته تيار آهيان. هن چيو ته انساني جانين جا قيمت ناهي، قانون مطابق شهيدن جي وارثن کي 15-15 لک رپيا ڏنا ويندا،20 هزار کان وٺي 3 لک رپين تائين زخمين کي ڏينداسين. هن چيو ته 8 ميل جي ٽريڪ اندر ڪا خرابي نه هئي،جيڪڏهن بريڪ خراب هجي ها ته اسپيڊ گهٽ ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، چيني سفير مختلف تجويزون ڏنيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو