204

وفاقي وزير نوڪري بچائڻ لاءِ پيا ڪن، 18 ترميم تي ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي ماضي تي نظر وجهن:ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي، ارڙهين ترميم ذريعي رياست اندر رياست جي ڳالهه ڪندڙ پنهنجي ماضي کي ڏسن ته ترميم جي منظوري وقت اسپيڪر جي سيٽ تي ڪير هو؟ فهميده مرزا کي پنهنجي حلقي ۾ نه اسپتالون نظر اچن ٿيون ۽ نه ئي سنڌوءَ درياءَ جي ويراني نظر اچي ٿي، باقي اسڪولن ۾ مينهن بابت تبصرو ڪري هوءَ ڇا ثابت ڪرڻ پئي گهري؟ سنڌ جي حقن لاءِ ته آواز اٿارڻي نه آهي، رهندو سنڌ دشمني ۽ مخالف بيانن تي لهي آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ اعجاز جکراڻي وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس تي جوابي بيان ڏيندي ڪيو. صوبائي وزيرن جو چوڻ هو ته فهميده مرزا چئي رهي آهي ته ارڙهين ترميم ذريعي رياست اندر رياست بڻجي وئي آهي ته ارڙهين ترميم منظور ٿيڻ وقت اسپيڪر ڪير هو؟  هن چيو ته پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ صوبائي خودمختياري خلاف رڳو فهميده مرزا ئي ڳالهائي سگهي ٿي، اڄ فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو جي پريس ڪانفرنس ڏسي انهن ٻنهي جو جعلي اليڪشن ياد اچي ويو، اوهان ٻئي جيڪڏهن پريس ڪانفرنس کڻي نه به ڪيو ها تڏهن به چونڊن جو فيصلو اوهان ٻنهي خلاف اچڻو آهي. هن چيو ته توهان ٻئي وزير وفاقي ڪابينا ۾ ويهي پنهنجي نوڪري بچائڻ ۾ رڌل آهيو، باقي اوهان ڪڏهن به سنڌ جي پاڻي جي ڳالهه نه ڪئي. ٻئي وزير وفاقي ڪابينا جو حصو هوندي به ڪڏهن به سنڌ جي حقن جي ڳالهه نه ڪئي. صوبائي وزيرن چيو ته فهميده کي اسڪولن ۾ مينهون بيٺل نظر اچن ٿيون باقي سنڌ کي وفاق پاران حق ڳڙڪائڻ نظر نٿو اچي؟ فهميده مرزا کي ويران ٿيل سنڌوءَ درياءَ نظر نٿو اچي؟ ٻنهي وزيرن کان پريس ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد سنڌ جو ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام لاءِ پاڻي، ترقياتي اسڪيمون ۽ اين ايف سي گهري رهي آهي. صوبائي وزيرن چيو ته عمران خان ٻن شڪست ماڻيندڙ وزيرن کان پريس ڪانفرنس ڪرائي سنڌ جي حقن کي ڳڙڪائڻ چاهي ٿو. عمران خان، فهميده مرزا کي بدين جي يونين ڪائونسلن جي نالن جا منصوبا ۽ ٺيڪا ڏنا آهن هاڻي سنڌ حڪومت ته ڇا ڪنهن جي خلاف به پريس ڪانفرنس ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير محمد ميان سومرو پاران سنڌ ۾ فصل نه ٿيڻ ۽ پڇڙيءَ جي آبادگار کي پاڻي نه ملڻ واري بيان خلاف صوبائي وزيرن جو چوڻ هو ته  توهان کي پنجاب ۾ سي جي ڪينال کي بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها، سي جي ڪينال کي بند ڪرڻ سان سنڌ جو پاڻي وارو مسئلو حل ٿيندو. سنڌوءَ درياءَ ۾ پاڻي ايندو ته پڇڙيءَ وارن آبادگارن کي پاڻي ملندو.  صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو پيو وڃي ۽ روينيو جي فوتي کاتن کي نه بدلائڻ واري شڪايت بي معنيٰ آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي کاتي کي تبديل نه ڪيو ويو آهي ته ان تي قانوني رنڊڪون به ٿي سگهن ٿيون. اڄ سنڌ جي عوام ٻن وزيرن جي پريس ڪانفرنس ڏسي سمجهي ورتو ته سنڌ ۾ ٻرندي تي تيل وجهڻ وارو ڪم پنهنجن ئي ڪيو آهي. هن چيو ته فهميده مرزا چوي ٿي ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، فهميده مرزا کي بدين ۾ سنڌ حڪومت-انڊس اسپتال نظر نٿي اچي؟ پيپلزپارٽي توهان کي مانُ ڏنو هاڻي پيپلزپارٽي سان دشمني ۾ سنڌ جي عوام سان به ويرُ ڪري رهيا آهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو