ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص سنڌڙي روڊ تي اُميدين ڀريو قبرستان لڳ فجر جي ٽائيم تي نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪري غريب آباد ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل 50 ورهين جي ذوالفقار سومروکي شهيد ڪري فرار ٿي ويو، وردي پهريل پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ جي اطلاع تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، حد جي ٿاڻي جي پوليس اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو، جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪئي ويئي، لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس ذريعن موجب پوليس هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو غريب آباد ٿاڻي تي نائٽ شفٽ ۾ موبائيل جي گشت تي هو ته کيس فون اچڻ تي هن گھر جي مسئلي سبب ڊيوٽي تان موڪل وٺي گھر ڏانهن روانو ٿيو ته ڪجهھ دير بعد سندس شهيد ٿيڻ جا اطلاع مليا، شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقارسومرو جي جنازي نماز ڀانسنگھه آباد ۾ ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، پوليس اهلڪارن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مٽ مائٽ وڏي انگ شرڪت ڪئي شهيد هيڊ ڪانسٽيبل کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب شهيد ٿي ويل هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو جي مغز ۾ گوليون لڳڻ سبب سندس موت واقع ٿي، جڏهن ته قتل جي حوالي سان چوٻول عام آهن ته شهيد پوليس اهلڪار ڳاڙهي بازار جي هڪ سدا سهاڳڻ بيبي تي عاشق هو، جنهن کي هن غلط ڪم ڇڏي عزت واري زندگي گذارڻ ۽ کيس سندس خرچ پکو ڏيندو هو ،کيس شڪ هو ته سندس غيرموجودگي ۾ جهانزيب پٺاڻ نالي هڪ شخص ملڻ اچي ٿو، جنهن کي هن اهڙي حرڪت ڪرڻ کان ڪجهھ ڏينهن اڳ به روڪيو هو، ذريعن موجب نائٽ شفٽ ۾ موبائيل تي گشت دوران کيس سندس ڪنهن دوست جو فون آيو ته سندس ڊيوٽي تي هجڻ دوران جھانزيب پٺاڻ اڄ ٻيهر بيبي وٽ آيل آهي، جنهن تي هن فوري طور گھر ۾ ضروري ڪم هجڻ جو چئي گھر روانو ٿيو ته اميدين ڀريو قبرستان لڳ ٻئي آمهون سامهون ٿي ويا ۽ ٻنهي ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد جھانزيب پٺاڻ پوليس اهلڪار تي پسٽل سان فائر کولي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس اهلڪار جي شهادت تي ايس ايس پي ميرپورخاص پاران آءِ ٽي اسپيشلسٽ ۽ سي آءِ اي انچارج غلام حسين سڌايو، عنايت زرداري ۽ وقتي ايس ايڇ او غريب آباد عابد نون تي ٻڌل ٽيم جوڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فون ڪال ۽ ٻيو رڪارڊ هٿ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهي، ٻي پاسي ايس ايس پي ميرپورخاص پاران جوڙيل ٽيم ذريعن موجب مختلف هندن تي ڇاپا هڻي عورت بيبي، الزام هيٺ آيل جھانزيب پٺاڻ، اپو سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد کين نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڪيس جي حوالي سان جانچ شروع ڪري ڏني آهي ۽ جانچ دوران ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن، جڏهن ته واقعي جو ڪيس هن وقت تائين داخل نه ٿي سگھيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي غريب آباد ٿاڻي جي وقتي ايس ايڇ او عابد نون رابطي تي ٻڌايو ته پوليس هيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو جي قتل جي مختلف رخن تي جانچ ڪري رهيا آهيون، سندس فور رڪارڊ جو معائنو ڪرڻ سميت مختلف ماڻهن جا بيان رڪارد ڪيا پيا وڃن، جلد پوليس هيڊ ڪانسٽيبل کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.
209