اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 25 هاءِ وي جي خراب صورتحال جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اين ايڇ اي جو ايڊمن ميمبر پيش ٿيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد کائنس پڇاڻو ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آهي،ڪرپشن ٿئي پئي، فنڊ ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ اين ايڇ اي جي ٺاهيل روڊ برساتي پاڻي سان خراب ٿي وڃن ٿا، زمينن تي ليز يا پيٽرول پمپ،هوٽلون يا دڪان ٺهيل آهن، چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته 2018ع جي رپورٽ مطابق 12894 روڊن حادثا ٿيا آهن،جن 5932 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، اٿارٽي ۾ڪرپشن جي بازار گرم آهي،انهن جي ڪوتاهي سان روڊ تي ماڻهو مرن پيا،خون اين ايڇ اي جي هٿ تي آهي، جڏهن ته جسٽس ميان عالم رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ جي خبر اها آهي ته هلندڙ سال 36 هزار ماڻهو روڊ حادثن ۾پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. عدالت اين ايڇ اي جي سمورن شاهراهن جي مرمت ۽ حادثن بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
208