181

حڪومت پنهنجا اڏا آمريڪا کي ڏئي چڪي آهي، ان جي پارليامينٽ ۾ وضاحت ڪري: مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ ۾ شوڪت عزيز صديقي جي بيان جي آزاد نموني سان جانچ  ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڪو اختلاف نه آهي ۽ سڀ هڪ پيج تي آهن، سڀني جو هڪ ئي نظريو آهي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جو اهو ئي موقف آهي، جيڪو نواز شريف جو آهي. هن چيو ته پ پ هاڻ پي ڊي ايم جو حصو نه آهي، منهنجي خيال ۾ هاڻ پ پ بابت نه ڳالهائڻ گهرجي، پ پ منهنجو هدف نه آهي ۽ منهنجو ان سان مقابلو به نه آهي، استعفائن جو فائدو تڏهن ٿئي ها جڏهن پي ڊي ايم ۾ سڀ جماعتون گڏجي استعفا ڏين ها، ڪجهه جماعتن طرفان استعفا ڏيڻ سان نقصان ٿئي ها. مريم نواز وڌيڪ چيو ته عالمي ميڊيا کان خبر پئجي رهي آهي ته حڪومت آمريڪا کي فضائي اڏو ڏئي چڪي آهي، اڏن بابت آمريڪا سان ڪيل  ڊيل قوم سامهون آندي وڃي، اهو سنجيده معاملو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل شوڪت عزيز صديقي ڪيس کي پنهنجو عدليه جو ڪيس سمجهي ۽ عدليه تي دٻاءُ وجهي فيصلا وٺڻ جو سلسلو ختم ڪري، شوڪت عزيز کي سچ ڳالهائڻ جي سزا نه ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ سندس بيان جي آزاد جانچ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهو هڪ جج جو معاملو نه آهي، سڀاڻي اهي سڀ جج ڪهٽڙي ۾ هوندا، جيڪي اڄ ڪيس ٻڌي رهيا آهن. ٻي پاسي ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي  جنهن تي مريم نواز پڻ پيش ٿي. ٻڌڻي تي عدالتي معاون اعظم نذير تارڙ دليل ڏنا، پنهنجي دليلن کان پوءِ هن وڌيڪ عدالتي معاونت لاءِ مهلت گهري جهن کي عدالت منظوري ڪري ٻڌڻي  23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو