215

وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جو موقف رد ڪري ڇڏيو،سنڌ ڪابينا حساب ڏيڻ نٿي چاهي:وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجڪاري معاملن واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير فهميده مرزا سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڪابينا حساب ڏيڻ نٿي چاهي، سنڌ کي فنڊ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، محمد ميان سومرو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ملڪگير پارٽي آهي،اهو نه سوچيو ته ڪنهن صوبي يا علائقي کي نظرانداز ڪندي،سنڌ کي فنڊ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته سنڌ ۾بجلي، پاڻي ۽ گئس سميت ٻين سهولتن جي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته غريب ماڻهن کي وڏي وياج تي قرض ڏنو وڃي ٿو،اهي ڀري نٿا سگهن،سندن مال ضبط ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾وڏيرا ۽ جاگيردار هارين جو پاڻي چورائي رهيا آهن. غريب هارين کي پنهنجو حق نٿو ملي، هن چيو ته  منهنجي علائقي جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ڳوٺن ۾ ڏينهن ڏٺي جو حملا ٿين پيا، انهن کي روڪڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو