140

ٽرين حادثو هجي يا لوڊشيڊنگ،حڪومت نااهلي جو ملبو ٻين تي وجهندي آهي:شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ٽرين حادثو هجي يا لوڊشيڊنگ، حڪومت نااهلي جو ملبو ٻين تي وجهندي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اهي سمجهن ٿا ته اهڙين قسمن جي حرڪتن سان قوم کي بيوقوف بڻائي سگهون ٿا،پر اها کين ڀل آهي، هن چيو ته سسٽم ۾ واڌو بجلي موجود هجڻ باوجود لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي آهي،اها نااهلي جي انتها آهي،عوام گرمي ۾سڙي رهيو آهي، جڏهن ته اسڪول جا ٻار بجلي نه هجڻ سبب بيهوش ٿي رهيا آهن، حڪومت لائن لاسسز ۾گهٽتائي برقرار نه رکي سگهي آهي، ڊيزل تي مهانگي بجلي ٺاهي عوام بدران اي ٽي ايمز کي رليف ڏنو،گردشي قرض 2800 ارب تائين پهچايا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو