لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته معيشت جي نام نهاد بهتري شرح نمو ۾ جيڪڏهن واڌارو ٿيو آهي ته ان فائدو جيڪڏهن ڪنهن کي ٿيندو ته اهو سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي کي ٿيندو. ملڪ جي 98 فيصد عوام جي حالت ۾ نه پهرين ڪا تبديلي آئي هئي ۽ نه ئي وري پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ٽن سالن جي دور ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. پي ٽي آئي ارڪانن جو پارليامينٽ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو کڻڻ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي تائين فراهم نه هجڻ جي ڪري سراپا احتجاج آهن. حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي اخبارن جي رپورٽ ۾ ئي ڏسي وٺي. الفاظن جي هيرا ڦيري سان عوام جي حالت تبديل نه ٿيندي. حڪومت ٽن سالن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو نالو به نه ورتو آهي. جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي ڳالهين ڪرڻ واري وزير اعظم جي لاءِ اهو مثال ئي ڪافي آهي. آدمشماري جو مسئلو حل نه ٿيو ، قانون سازي جي لاءِ پارليامينٽ جي بدران ايوان صدر جو سهارو ورتو وڃي ٿو. صوبا ۽ وفاق هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. پي ٽي آئي بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي. ثابت ٿي چڪو آهي ته ٽئي پارٽيون هڪ ئي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيون آهن. انهن خيالن جو اظهار ان منصوره لاهور ۾ ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر، مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
130