اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي پُٽ فرخ شاهه جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ تي اُڪلائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ فرخ شاهه کي 3 ڏينهن ۾ احتساب عدالت وٽ پيش پوڻ جو حڪم ڏنو. گذريل ڏينهن جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڄاڻايل درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران درخواست گذار فرخ شاهه جي وڪيل لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا، عدالت جي ٻُڌڻي تي نيب جي وڪيل چيو ته فرخ شاهه جانچ ۾ سهڪار نه ڪيو، فرخ شاهه کان جانچ لاءِ سوال ڪرڻا آهن، ان طرفان جواب ملي ٿو ته بابا کان پُڇو، نيب اپريل 2020ع کان فرخ شاهه جا گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا آهن. جسٽس سردار طارق مسعود درخواست گذار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته طلعت اسحاق ڪيس ۾ ضمانت جا پيرا ميٽرز طئي ٿي چڪا آهن، عدالت طئي ٿيل پيرا ميٽرز کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي، نيب کي ضمني ريفرنس داخل ڪرڻو آهي، اوهان ٻُڌايو ضمانت واري درخواست تي ميرٽ تي فيصلو ڪريون يا اوهان درخواست واپس وٺڻ چاهيو ٿا، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ضمانت واري درخواست واپس وٺان ٿو. عدالت کي گذارش آهي ته فرخ شاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش پوڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي. عدالت فرخ شاهه کي 3 ڏينهن ۾ احتساب عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي فرخ شاهه جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اُڪلائي ڇڏي.
203