152

17هين صدي ۾ ٺهيل ڪرسي پاڪستاني 130 ڪروڙ رپين ۾ نيلام

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ ۾ 17هين صدي ۾ ٺهيل ڪرسي پاڪستاني 130 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي آهي، رپورٽ مطابق چيني منگ شاهي خاندان جي بادشاهه لاءِ ٺاهيل ڪرسي کي هانگ ڪانگ ۾ نيلامي لاءِ رکيو ويو، جتي ڪرسي 85 لک ڊالر پاڪستاني 130 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، ماهرن مطابق ڪرسي کي منگ شاهي خاندان جا بادشاهه شڪار دوران پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا، جنهن ڪري ڪرسي کي شاهي شڪاري ڪرسي جو نالو پڻ پئجي ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو