219

قومي ناڻي تي ڌاڙو هڻندڙ عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، پ پ سليڪٽڊ حڪومت جي سليڪٽيڊ بجيٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته قومي ناڻي تي ڌاڙو هڻندڙ عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، پنهنجي بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو بجيٽ عوامي نه پر سياسي آهي، عمران خان جي حڪومت صرف  شرح سود ۾ هيٺ مٿانهين ڪري قومي ناڻي کي هڪ هزار ارب روپين تائين جو نقصان پهچايو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته عمران خان مخصوص سرمائيدارن جا 2 ارب ڊالر پرڏيهه مان گهرايا ۽  سود 13.25 سيڪڙو مقرر ڪري پنهنجي دوستن کي فائدو پهچائي پئسا واپس ڪري ڇڏيا، پاڪستان پيپلز پارٽي سليڪٽيڊ حڪومت جي سليڪٽيڊ بجيٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿي، عمران خان ٻڌائي ته هي 2 ارب ڊالر ڪهڙن سرمائيدارن دوستن جا هئا جن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ قومي ناڻي کي 300 ارب روپين جو نقصان پهچايو ويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان انويسٽمينٽ بونڊ جي 700 ارب روپين ۽ 2 ارب ڊالرن تي 300 ارب روپيه ۽ گڏيل طور تي هڪ هزار ارب روپين جي عمران خان جي چوري پڪڙي وئي آهي، تحريڪ انصاف حڪومت جي هن ميگا ڪرپشن تي پارلياماني جاچ ڪئي وڃي، قومي ناڻي تي ڌاڙو هڻندر عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستان پيپلز پارٽي هن ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي هڪ هڪ روپئي جو عمران خان کان حساب وٺندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو