اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هيٺ شاگردن کي ملندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. اربع ڏينهن ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح ڪيو . ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو فلاحي رياست ڏانهن هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر موجود هوندا ته هدفن مقرر ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام ذريعي قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون، هر ضلع ۾ احساس ون ونڊو سينٽر قائم ڪيا ويندا، ان پروگرام تحت ٿوري مدي ۾ رجسٽريشن ۽ رڪارڊ ملي سگهندو.
200