181

باقراڻي ڀرسان 8 سالن جو نينگر شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ قادر بخش ڀٽو جو رهواسي 8 سالن جو نينگر مرسلان بروهي ڳوٺ ڀرسان شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو جنهن کي علائقي واسين شاخ مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو