فائرنگ 200

مٺياڻي ڀرسان پنهور برادري ۾ پراڻي تڪرار تان ھوٽل تي ويٺل نوجوان گوليون هڻي قتل

مٺياڻي (ويب ڊيسڪ) مٺياڻي ويجهو پانڌي اسٽاپ تي پنهور برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ھوٽل تي ويٺل نوجوان  گوليون هڻي قتل، تفصيل موجب مٺياڻي ويجهو ڳوٺ خميسو خان پنهور واسي نوجوان سڪندر پنهور  پانڌي اسٽاپ تي ويٺو هو ته پنهنجي برادري  جي ماڻھن اوچتو اچي سڌيون گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا  اطلاع ملڻ تي مٺياڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء   رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي منتقل ڪيو،    جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو،  لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. ٻئي پاسي مقتول جي  والد غلام شبير پنهور  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ سڪندر پنهور  تي عدالت سڳوري نوشھروفيروز ۾ برادري طرفان ڪيل ڪيس ختم ٿي چڪو هو، مان پنهنجي پٽ سان گڏ هوٽل تي ويٺو هيس ته عبدالڪريم پنهور،  ظھير پنهور ۽ ٻيا  سڌيون گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري  ۽  مون کي لٺيون هڻي زخمي ڪري  فرار ٿي ويا،  جڏهن ته وارثن طرفان اڃان تائين ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو  ۽ نه ئي وري گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو