133

ڪورونا سبب لاڳو ڪيل پابندين ۾ وڌيڪ نرميءَ جو اعلان….

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت ڪورونا سبب ملڪ ۾ لاڳو ڪيل پابندين ۾ وڌيڪ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪاروباري پابنديون نرم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ماس ويڪسينيشن مهم لاءِ 3 رخن واري حڪمت عملي طئي ڪئي وئي، سمورن شهرين رضاڪارانا طور ويڪسينيشن جي حڪمت عملي به طئه ڪئي وئي آهي، اين سي او سي پاران جاري ڪيل اعلان مطابق سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن کي 30 جون تائين ويڪسين لڳرائڻي پوندي. اين سي او سي مطابق سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن مرڪز 11 جون کان صبح جو 8 کان رات جو 10 وڳي تائين کليل رهندا، جمعي تي به مرڪز کليل رهندا، پر آچر جي ڏينهن بند رهندا، اين سي او سي مطابق 18 سالن کان وڏي عمر جي فردن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 11 جون کان 18 سالن کان وڏي عمر جا نوجوان واڪ ان (يعني ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر تي وڃي) يڪسينيشن ڪرائي سگهندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻ ڪاروبار هفتي ۾ ٻن بدران هڪ ڏينهن بند رهندو، ڪهڙي ڏينهن ڪاروبار بند رکڻو آهي، ان جو فيصلو صوبا ڪندا، اين سي او سي 50 سيڪڙو گهر مان ڪم واري پاليسي ۾ به نرمي ڪندي هاڻ آفيسن ۾ سئو سيڪڙو حاضري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اين سي او سي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي ٻنهي ڏينهن واري بندش ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافرن واري پابندي ۾ نرمي ڪندي هاڻ 70 سيڪڙو مسافر ويهارڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اين سي او سي مطابق مزارون ۽ سئنيما گهر بدستور بند رهندا، صرف مخصوص نان ڪنيڪٽ راندين جي سرگرمين جي اجازت هوندي، ڪراٽي، باڪسنگ، مڪس مارشل آرٽ، رگبي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ريسلنگ تي پابندي برقرار رهندي، جڏهن ته فيسٽيولن ۾ ثقافتي ۽ ٻين تقريبن تي پابندي برقرار رهندي، اين سي او سي جو چوڻ اهي ته ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق جو طريقيڪار جون جي آخر تائين ٺاهيو ويندو. اين سي او سي جي ڄاڻايل فيصلن تي 15 جون کان عمل شروع ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته هڪ انتهائي ڏکئي ۽ تڪليف ڏيندڙ دور مان گذرڻ کانپوءِ اسان وٽ سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، ۽ ڪورونا جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رونقون بحال ٿيڻ طرف وڃي رهيون آهن، اسان سمجهون  ٿا ته هن مرحلي تي به احتياط انتهائي ضروري آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ٿورڙي به لاپرواهي وري مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، ان ڪري سڀ کان پهريان ته اسان کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسينيشن واري عمل ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو آهي ۽ ملڪ جي هر فرد کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين ڪرائڻي آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي گڏوگڏ ڪاروباري سرگرمين سميت سموريون سرگرميون بحال ڪرڻ دوران پڻ ايس او پيز کي نه وسارڻ گهرجي ۽ ماسڪ سميت سينيٽائيزر ۽ ٻين گهربل ضروري احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيئن اسان اڃا به موجود خطري مان آساني سان نڪري سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو