119

ڪئناڊا ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا کي روڪڻ جي ضرورت…

انٽرنيشنل ميڊيا واچ

ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ پاڪستاني نسل جي مسلمان خاندان جي 4 ماڻهن کي گاڏي هيٺان ڪچلڻ واري واقعي کانپوءِ پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪئنيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته حقيقت اها آهي ته ڪئناڊا جا گهڻا شهري ان خوف کان واقف نه آهن، جيڪو نسل پرستي جي خدشن جو شڪار ڪئناڊا جا مسلمان محسوس ڪن ٿا، جسٽن ٽروڊو هائوس آف ڪامنز ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته نسل پرستي ۽ نفرت هن ملڪ (ڪئناڊا) ۾ ناهي ته آئون انهن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اوهان اسپتال ۾ هڪ ٻارڙي کي اهڙي پرتشدد واقعي جي وضاحت ڪيئن پيش ڪندا؟ اوهان ڪيئن انهن خاندان سان نظرون ملائي چئي سگهو ٿا ته اسلاموفوبيا هڪ حقيقت نه آهي، ياد رهي ته آچر واري شام جو اونٽاريو جي شهر لنڊن ۾ پيش آيل واقعي ۾ 20 ورهين جي مقامي نوجوان پنهنجي گاڏي ان خاندان مٿان ان وقت چاڙهي ڇڏي هئي، جڏهن هو گهر ٻاهران واڪ ڪري رهيا هئا، ان واقعي ۾ ان خاندان جو صرف هڪ 9 سالن جو ٻار زندهه بچيو آهي، جيڪو اسپتال داخل آهي، باقي 4 ڀاتي سلمان افضل، مديحا سلمان، يمنيٰ سلمان ۽ ضعيف عورت مارجي ويا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته زندهه بچي ويل 9 ورهين جو فائز سلمان علاج هيٺ آهي، هائوس آف ڪامنز ۾ پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم ٽروڊو جو چوڻ هو ته جڏهن اوهان هڪ اهڙي مسلمان عورت سان ڳالهايو ٿا جيڪا بس اسٽاپ تي بيٺي ان ڳڻتي ۾ هوندي آهي ته ڪو ان جي مٿي تان حجاب ڇڪي وٺندو يا ان کي نقصان پهچائيندو ته اها اوهان کي اهو ئي ٻڌائيندي ته اسلاموفوبيا حقيقت آهي. ڪئناڊا ۾ مسلمانن خلاف 2017ع ۾ هڪ مسجد ۾ 6 ماڻهن جي قتل کانپوءِ هي ٻيو بدترين حملو آهي، ڄاڻايل واقعي تي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان به افسوس جو اظهار ڪندي ان کي مغربي ملڪن ۾ پکڙيل اسلاموفوبيا جي هڪ ڪڙي قرار ڏنو هو، ان کان اڳ ڪئناڊا جي وزيراعظم به اهو پيغام ڏنو هو ته اسان لنڊن جي مسلم ڪميونٽي ۽ سڄي ملڪ ۾ موجود مسلمانن سان گڏ بيٺل آهيون، اسلاموفوبيا جي هتي ڪا به جاچ ناهي ۽ خاموشي سان پلجندڙ اها نفرت نقصان ڏيندڙ ۽ انتهائي شرمناڪ آهي، جنهن کي ختم ٿيڻو پوندو. متاثر خاندان جي مائٽن ۽ دوستن ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪٽنب پنهنجي ڪميونٽي ۾ ڪافي فعال هو ۽ پنهنجي مذهب سان به گهرائي سان جڙيل هو، لنڊن اسلامڪ اسڪول مان گذريل سال گريجوئيٽ ڪرڻ بعد اوڪريج سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهندڙ يمنيٰ سلمان نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، اسڪول ۾ مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته يمنيٰ کي ايندڙ سال 10 جماعت ۾ مسلم ايسوسيئيشن جو ترجمان ٿيڻو هو، لنڪڊ ان پيچ مطابق يمنيٰ جي ماءُ مديحا سلمان تازو ئي ويسٽرن يونيورسٽي لنڊن مان سول ۽ ماحولياتي انجنيئرنگ ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري مڪمل ڪئي هئي ۽ سندس هدف هو ته هوءَ جيو ماحولياتي معاملن تي ڪم ڪري ۽ اسان جي قدرتي ماحول جي بحالي لاءِ ڪوششون وٺي، خاندان جي هڪ دوست ٻڌايو ته سلمان افضل هڪ عاجز شخص هو ۽ پنهنجي برادري سان انتهائي وفادار هو، ڪئناڊا ۾ اونٽاريو جي شهر لنڊن ۾ موجود صحافي محسن عباس مطابق جنهن شهر ۾ واقعو پيش آيو هو، اتي خاص ۽ سڄي ڪئناڊا ۾ عام سوڳ وارو ماحول آهي ۽ متاثرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڪيترين ئي عمارتن تي لڳل قومي جهنڊو جهڪيل آهي. ملڪ ۾ مسلم ڪميونٽي ۽ خاص ڪري پاڪستانين ۾ خوف ۽ ڳڻتي جي هڪ لهر ڊوڙي وئي آهي، مقامي پوليس ملزم جي فليٽ جي ويجهو واقع هڪ پارڪنگ لاٽ تي نظر رکي ويٺي آهي ۽ جاچ جو دائرو اوستائين وڌايو ويو آهي، جڏهن ته مقامي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان واقعي کي معمولي واقعو نه سمجهي ۽ ان کي دهشتگردي جي واردات جي طور تي ڏٺو وڃي ۽ جوابدار مٿان به دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن. جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار بابت معلومات گڏ ڪري رهي آهي ته جيئن ان بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري، جڏهن ته شهر جي وڏين مسجدن جو حفاظتي پهرو به وڌايو ويو آهي. ڪئناڊا جي شهر لنڊن ۾ ملڪ جي هڪ مشهور يونيورسٽي آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد ملڪ جي ٻين شهرن مان به لڏي اچي هتي آباد ٿيڻ لڳو آهي، ڪئناڊا ۾ رهندڙ سماجي ڪارڪن شازيا نظير جو چوڻ آهي ته مون وٽ لفظ ناهن، ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، وزيراعظم ٽروڊو اسان کي  چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ اسلاموفوبيا جي ڪا به جاءِ ناهي، هاڻ اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته جسٽن ٽروڊو ان واقعي کي ڪهڙي طرح وٺي ٿو، هن واقعي کي عام واقعو قرار ڏنو وڃي ٿو يا ان شخص مٿان ڪي دهشتگردي جا قلم به لاڳو ٿين ٿا. شازيه جو چوڻ آهي ته هڪ ماءُ هجڻ جي حيثيت سان ان لاءِ اها خطرناڪ صورتحال آهي، گذريل مارچ کان اسان ٻارن سميت گهرن ۾ قيد آهيون، هاڻ گرمي جي موسم شروع ٿي وئي آهي ۽ هر انسان چاهي ٿو ته هو ٻاهر نڪري، پر اهڙي وفناڪ لهر ۾ ٻاهر نڪرڻ کان گهٻرائي رهيا آهيون، هن چيو ته اهو واقعو ته وڏو آهي پر ننڍي سطح تي به اهتي اسلاموفوبيا جا واقعا ٿين ٿا، اسڪولن۾، پارڪن ۾ ۽ هاڻ عورتون ٻڌائي رهيون آهن سندن ٻارن سان ڪهڙا ڪهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، اسان کي اهڙو ڏسڻو آهي ته هر قدم تي اهڙن واقعن کي روڪيو وڃي ته جيئن وري ڪو ٻيو ايڏو وڏو واقعو نه ٿي سگهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مسلمانن کي انصاف ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو