217

بائيڊن جو يورپ جو دورو ۽ نون ٺاهن جا امڪان..

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

صدر بائيڊن پنهنجي پھرين پرڏيهي دوري جي شروعات برطانيا کان ڪندو جتي ھو  ونڊسر قلعي ۾ راڻي ايلزٻيٿ سان ملاقات ڪري سندس مڙس جي وفات تي تعزيت ڪندو ۽ پوءِ وزير اعظم بورس جانسن سان جي -7 جي سربراھي اجلاس کان اڳ ۾ خطي جي سياسي ۽ عسڪري ماحول ۽ ايندڙ خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو ۽ خاص طور تي ٽرمپ طرفان پھچايل گڏيل نقصان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ صدر بائيڊن آمريڪا جي وڃايل ساک بحال ڪندو، جڏهن ته بورس جانسن وري برطانيا جي عالمي ڪردار کي تلاش ڪندو، صدر بائيڊن برطانيا ۾ 3 ڏينهن ترسندو، جتي ھو ڪارنوال ۾ جي-7 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جي-7 جي اجلاس ۾ ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، آمريڪا ۽ جپان جا سربراھه شرڪت  ڪندا پر ھن دفعي آسٽريليا، ھندستان، ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سربراھن کي پڻ دعوت ڏني وئي آهي، جي – 7 جي ملڪن ۾ ڪووڊ -19 کان پوءِ واري دنيا، ماحولياتي تبديلي، جاندارن کي محفوظ ڪرڻ ۽ آزاد واپار بحث ھيٺ ايندا، پر سڀ کان اھم اشو گهٽ ۾ گهٽ گلوبل ڪارپوريٽ ٽيڪس آهي، جيڪو 15 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏ وڏين ڪمپنين تي پڻ ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاءِ اڃا ڪجهه رڪاوٽون پيش اينديون پر لنڊن ۾ موجود جي-7 جي ناڻي وارن وزيرن سربراھي اجلاس کان اڳ ھن ٽئڪس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي آمريڪا جي پڻ پٺڀرائي حاصل آهي پر ھن ڪارپوريٽ ٽئڪس جي لاءِ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ھي ٽئڪس اسان جي ٻارن جي مستقبل کي تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو، جي – 7 سربراھن سان ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ صدر بائيڊن چين جي خلاف ھڪ ناٽو جھڙي فوجي اتحاد جوڙڻ تي زور ڏيندو، خاص طور تي ايشيا ۾ جنهن کي ڪواڊريليٽرل ڊفينس سيڪيورٽي يا ڪواڊ ٿا چون، جنهن جو اھم ڪم چين کي ھندي وڏي سمنڊ ۾ روڪڻ آهي پر ساڳي وقت تي صدر بائيڊن ناٽو کي پڻ فنڪشنل ڪرڻ ٿو چاهي، اھڙي ئي پس منظر ۾ صدر بائيڊن يورپي يونين ۽ ناٽو جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، جيتوڻيڪ صدر بائيڊن سڄي يورپ کي پنهنجو ڪري ويندو پر پوءِ به ناٽو ۽ يورپي يونين جون ڪجهه شڪايتو رھنديون ۽ برسلز ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اھي شڪايتون ۽ ڏک صدر بائيڊن جي آڏو ضرور رکندا ڇاڪاڻ ته بارڪ اوباما جي طرفان يورپي يونين کي نظر انداز ڪرڻ خاص طور تي صدر پيوٽن طرفان ڪرائيميا تي قبضو ڪرڻ واري معاملي جي شڪايت ٿيندي، جنهن لاءِ جرمني آمريڪا تي زور ڀريو هو ته روس جي خلاف افغان جھاد وانگر جنگ ڪرائجي پر اوباما ڪن لاٽار ڪرڻ لڳو ھو ۽ نه ئي ھنن کي تيل ۽ گيس مھيا ڪرڻ ۾ ڪا مدد ڪئي  پر ان جي ابتڙ آمريڪا گيس ۽ تيل جي حوالي سان جرمني کي ڄڻ ته پيوٽن جي جھوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، خاص طور تي نارڊ اسٽريم گيس پائيپ لائين ڇڪڻ وارو منصوبو شامل آهي، صدر ٽرمپ اقتدار ۾ اچڻ شرط ئي پنهنجو پھريون دشمن يورپي يونين ۽ ناٽو کي سڏيو ۽ ناٽو کي وري مدي خارج اتحاد سڏيندي الزام لڳايو ته افغانستان، شام ۽ عراق ۾ ناٽو فورسز ڪو خاص ڪردار نه ڏيکاريو آهي، ان ڪري ھن اتحاد کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ساڳي وقت ھن بروسلز ۾ اھو به چيو ته آمريڪا يورپي يونين جي سيڪيورٽي تي وڌيڪ خرچ نه ڪندو پر اڳ ۾ خرچ ڪيل رقم به واپس ڏني وڃي، ٽرمپ کي يورپي يونين جي اڳواڻن تي ايتري ته سخت ڪاوڙ ھئي جو ھن يورپي يونين جي اڳواڻن جي بيعزتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، خاص طور تي وائيٽ ھائوس ۾ ته پريس بريفنگ جي دوران انجيلا مرڪل جڏهن ٽرمپ ڏانهن ھٿ وڌايو ته ھن کيس ھٿ نه ڏنو ۽ اھڙي بيعزتيءَ واري پس منظر ۾ فرانس جي صدر ميڪران واشنگٽن  پھچي ٽرمپ کي سمجھائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر وريو ڪجهه به نه، صدر بائيڊن جي مڪمل ڪوشش ھوندي ته ھو ٽرمپ جي غلط پاليسين وارو خال ڀري سگهي پر ڏسجي ٿو ته صدر بائيڊن جي ھن دوري تي مايوس يورپي يونين جا اڳواڻ آمريڪا طرفان ٻيھر عالمي اسٽيج تي ڪردار  ادا ڪرڻ جي پس منظر ۾ تمام  گهڻو خوش ٿيا آهن، پوءِ به ناٽو واري اتحاد کي فنڪشنل ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا آڏو ڪجهه شرط ضرور رکيا ويندا ۽ صدر بائيڊن جي چين سان ڪرنسيءَ  واري جنگ جيڪا ھاڻي ڊجيٽل يا ڪرپٽو ڪرنسيءَ تائين پکڙجي وئي آهي ۾ ڊڄندي ڊڄندي شموليت به ڪري وٺندو، صدر بائيڊن بروسلز ۾ ناٽو جي ميمبر ملڪن جي سربراھن سان گڏيل ملاقات کان پوءِ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان سان اڪيلي ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ھڪ اندازي مطابق صدر بائيڊن صدر اردگان سان وچ اوڀر مان فوجون ڪڍڻ کان پوءِ واري ڪردار تي ڳالهيون ڪندو، ڇاڪاڻ ته ترڪي شام ۾ آمريڪي فوجين کي نڪرڻ جو رستو ڏنو ۽ اتي ھينئر ترڪ فوج موجود آهي، جنهن روسي فوج سان گڏجي امن قائم ڪرايو آهي، شايد صدر بائيڊن ترڪيءَ جي ڪردار کي اڃا وڌائڻ ٿو چاهي، ڇو ته انٽيليجنس رپورٽن مطابق آمريڪي فوجن جي نڪرڻ سان عرب ملڪن ۾ گهرو جنگ شروع  ٿيڻ جو خدشو آهي يا وري عرب ملڪن جي بادشاھن خلاف عوامي مظاهرا به ٿي سگهن ٿا،   صدر بائيڊن آڏو افغانستان به آهي، جتان آمريڪي فوجون ايترو ته تيزيءَ سان نڪري رهيون آهن جيئن ٻي عالمي جنگ ۾ برطانيا جي فوج نڪري وئي ھئي، نيويارڪ ٽائيمز جي ھڪ رپورٽ مطابق افغانستان  مان سي آءِ اي جلد پنهنجا اڏا وڃائي ويھندي، جنهن جي ڪري افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ يا غني حڪومت ۽ غير ملڪين کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي حوالي سان سي آءِ اي ھڪ نئين ايپروچ تيار ڪري رهي آهي پر صدر بائيڊن افغانستان يا خاص طور تي ڪابل ھوائي اڏو ترڪ فوج جي حوالي ڪرڻ ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته بائيڊن انتظاميا کي خوف آهي ته ڪٿي چين يا روس افغانستان ۾ فوجون نه لاھي وجهن، جيتوڻيڪ طيب اردگان ترڪي جي ڪردار کي عالمي سطح تائين کڻي آيو آهي پر يورپي يونين ۾ ترڪيءَ جو ڪو به ڪردار نه آهي جنهن تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻيون آهن، جنيوا ۾ صدر بائيڊن پنهنجي آخري ۽ اھم ملاقات صدر پيوٽن سان ڪندو پر ملاقات کان اڳ ۾ ھن جي آڏو صدر پيوٽن جون ڪجهه حرڪتون سامهون رکيل آهن، خاص طور تي روس جي طرفان ڪرائيميا تي قبضو ڪرڻ، تازو ئي بيلاروس ۾ آئرلينڊ جي جھاز کي زبردستي لاھي ان مان صحافيءَ کي گرفتار ڪرڻ، شام ۾ آمريڪي سعودي عرب جي پاليسيءَ کي مڪمل طور تي ناڪام ڪري ترڪيءَ سان گڏجي امن قائم ڪرائڻ، حماس، اسرائيل جي وچ لڳل جنگ کي ڌمڪي جي ذريعي بند ڪرائڻ، يوڪرين کي باءِ پاس ڪري جرمنيءَ ڏانهن سمنڊ جي ذريعي گيس موڪلڻ جي زبردستي اجازت وٺڻ (جنهن تي يوڪرين يورپي يونين ۽ آمريڪا جي آڏو پنهنجي دانهن پڻ موڪلي هئي) يوڪرين جي سرحد تي حملا  ڪرائڻ، گلوبل وارمنگ جي ڪري آرڪٽڪ سمنڊ ۾ برف ڳرڻ جي ڪري وڏي پکيڙ ۾ زمين جو ظاهر ٿيڻ (جيڪا وري معدني ذخيرن سان ڀري پئي آهي)، ان زمين تي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آئيس لينڊ ۾ ملاقات ٿي ھئي، اھڙي پس منظر ۾ صدر پيوٽن ۽ صدر بائيڊن جي ملاقات ٿيڻ واري آهي، ھن ملاقات ۾ چيو ٿو وڃي ته صدر بائيڊن جو زور صرف ٻن ڳالهين تي ھوندو ھڪ ته روس کي چين جي اثر مان ٻاهر ڪڍڻ جيئن 80ع واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ ھينري ڪسنجر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سفارتڪاريءَ جي ڪري چين کي سوويت يونين کان ڌار ڪيو ويو هو، ٻيو ته افغانستان ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجن جي تيزيءَ سان نڪرڻ جي نتيجي ۾ جيڪو خال پيد ٿيندو سو يا ته داعش ۽ القاعده ڀرينديون يا وري روس ۽ ترڪي، اھڙي پس منظر ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي پر سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي ھڪ رپورٽ مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي روسي پرڏيهي وزير ليوروف کي فون ڪري چيو آهي ته جڏهن صدر بائيڊن صدر پيوٽن سان ڳالهيون ڪري ته روس طرفان سخت موقف رکيو وڃي ڇو ته آمريڪا ننڍڙن جمهوري ملڪن جو ھڪ گروپ ٺاهي ان کي انساني حقن جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري چين ۽ روس گڏجي آمريڪا جي يونيليٽرلزم کي ملٽي ليٽرلزم سان شڪست ڏيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو