ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو
ھونئن ته اسانجي بي رحم معاشري اندر نياڻين نماڻين جو قتل ھاڻي ڪا معمولي ڳالهھ نه رھي آهي، روزاني جي بنياد تي ھر طرف بيگناھه معصوم نياڻين جو قتل ڄڻ ته ھڪ رواج بڻجندو پيو وڃي، جنھن کي روڪڻ اسان جي معاشري جي ھر ماڻهو جي ذميواري آھي ته اسان اھڙن واقعن کي ھٿ جي طاقت سان يا قانون جي مدد سان روڪي رکون پر افسوس ته اسان اھڙن غلط ڪمن کي روڪڻ بدران انھن واقعن کي ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا آھيون ۽ اسان به رڳو کوکلن نعرن يا ھڪ اڌ ڏينھن جي ڪاوڙ ڪري ان واقعي کي وساري ڇڏيندا آهيون، عملي طرح اهڙي ڪا به طاقتور جدوجهد يا تحريڪ نه ھلائينداسين جنھن سان ڪنهن بيگناھه نياڻي جي قاتل کي سزا ملي سگھي، سماج جي پڙهيل لکيل ۽ باشعور طبقن جي اهڙي خاموشي ڏينهون ڏينهن گهر اجاڙي رهي آهي پر افسوس ته اسان اهو نه پيا سوچيون ته اڄ جيڪڏهن هڪ معصوم نياڻي جو قتل رهزنن کي ڦٻي ويو ته سڀاڻي هو اسان جي نياڻي کي به ماري سگهن ٿا، گذريل مئي مھيني جي 23 تاريخ تي گمبٽ تعلقي جي تاريخي شهر کھڙا واسي نئين ٽھي جي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ مبين اڄڻ جي نوجوان ڀيڻ روبينا اڄڻ سان پڻ اهڙو ئي واقعو پيش آيو ۽ ان کي حياتي تان هٿ ڌوئڻا پيا، روبينا جيڪا ظاهري طرح قرآن پاڪ جي حافظا سان گڏ انٽر جي شاگردياڻي ھئي، پنهنجي ٻڍڙي امڙ سان گڏ ڪوٽڏيجي جي ڀرسان بزرگ پير ڪٽڪپال جي مزار تي حاضري لاءِ وئي، انڌيرو ٿيڻ سبب روايتي طور ٻين مسافرن وانگر ھي ماءُ ۽ ڌيءُ به اتي مسافر خاني ۾ ترسي پيون، اڌ رات کان پوءِ اڻڄاتل جوابدارن روبينا اڄڻ کي اغوا ڪري سندس ڄنگهون ٻانھون ڀڃي لاش کي ڪنڊيارو ريگيوليٽر ۾ لوڙھي ڇڏيو، جنھن کي ٻئي ڏينھن نوشھروفيروز پوليس ڪئنال مان ڪڍي لاوارث ڪري دفنائي ڇڏيو، واقعي جي خبر باھه جيان پکڙجي وئي ته مظلوم نياڻي جي وارثن خيرپور سيشن ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته اھو لاش لاوارث نه پر اسان جي نياڻي جو آھي، جيڪو اسان جي حوالي ڪيو وڃي، ھتي سوچڻ جو مقام آھي ته جھور پوڙھي ماءُ جو سھارو بڻيل نوجوان نياڻي کي بيدردي سان شھيد ڪيو ويو، ماءُ پنھنجي سخت غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذاري پاڻ بکون ڪاٽي وڏين مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان پنھنجي نياڻي کي پڙھايو ھوندو ۽ ظالمن ان جو سھارو بڻجندڙ ڌيءُ کي شھيد ڪري ڄڻ ته گھر جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيون، جھور پوڙھي ماءُ جون حسرتون ۽ خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا، ان پوڙھي ماءُ جي دل تان ڇا گذريو ھوندو، ھن لاءِ ته ڄڻ جيئري موت اچي چڪو ھوندو، روبينا ويچاري مظلوم بڻجي شھادت جو مقام حاصل ڪري وئي پر ھاڻي ان جي لاش کي وارثن حوالي ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، جنھن جي لاءِ سندس جيجل امڙ توڙي ڀائر عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھن، غريب مجبور آھن، ڪير انھن جو سھارو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهي، بس ھونئن به اسان وٽ ڪنھن غريب جي خون سان انصاف ٿيڻ ته پري جي ڳالهھ آھي پر انھن جي لاشن کي وارثن حوالي ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي، اڄ روبينا جا وارث پنھنجي نياڻي جي قاتلن جي گرفتاري يا انھن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ نه پر سندس لاش جي وصولي لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور آھن، اسان ڪيتري نه بي رحم معاشري جا رھاڪو آھيون جتي مظلوم ماڻھن کي ماريو ويندو آھي ۽ سندن لاش به لڪايا ويندا آھن، هي ته هڪ حساس دل رکندڙ قلمڪار جي ڀيڻ هئي، جنهن کي ائين بيدردي سان رات جي رهزنن قتل ڪيو، پر افسوس ته سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور سميت عورتن جي حقن جي نعري هيٺ فنڊ کائيندڙ ۽ مراعتون وٺندڙ اهي عورت اڳواڻ به چپ آهن، جن جي روزي روٽي ئي عورتن جي نالي سان هلي ٿي، جڏهن ته هڪ مجبور خاندان جا فرد قاتلن جي گرفتاري بدران رڳو لاش وٺڻ لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن، آئون سمجهان ٿو ته هاڻ هن سماج کي بيحسي ڇڏي متحرڪ سماج جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ اسان جون نياڻيون ائين ئي بي ڪفنيون ٿي مارجنديون رهنديون، پوليس جي سيني ۾ ته هونئن به دل ناهي هوندي، انهن لاءِ اهو ئي ڪيس اهم هوندو آهي، جنهن ۾ ٻه ٽي ڏوڪڙ ملڻ جو آسرو هوندو آهي، هنن غريبن وٽ رڳو لڙڪ آهن، جيڪي هونئن ته بي بها به پر اڄڪلهه جي هن سڪي واري دور ۾ انهن جي ڪا به قيمت نه آهي. آئون وڏي وزير سميت سمورن اعليٰ عهديدارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مبين اڄڻ ۽ ٻين مسڪينن کي انصاف ڏياري کين ڀيڻ جو لاش ڏياريو وڃي ۽ گڏوگڏ ان ڪڌي عمل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي ڪنهن مسڪين عورت سان وري ان قسم جي حرڪت ڪرڻ کان اڳ هو سئو ڀيرا سوچي.