واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب متاثرن جو تعداد 3 ڪروڙ 42 لک 46 هزار کان وڌي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو تعداد 6 لک 13 هزارکان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو گڏيل تعداد 34264727 ۽ فعال مريضن جو انگ 5397142 آهي.آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ آهي جٿي فوتگين جو انگ پڻ وڌيڪ آهي.آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب هن وقت تائين613494ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ان وبا سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد 37 لک63هزار کان وڌي ويو آهي.
