اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کان پورهيو وٺڻ جي سمورن شڪلن جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن چائلڊ ليبر خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اعتزاز حسن چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ نئين چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيل زيادتي، تشدد ۽ استحصال کي روڪڻ لاءِ ڪوششن جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هي ادارو اسٽريٽ چلڊرين، جبري مشقت جو شڪار ٻارڙن، انساني اسملنگ، گم ٿيل ۽ لاوارث ٻارن جي تحفظ، رهائش، مشاورت ۽ انهن جي ڪٽنب جي ڳولا ۽ انهن ٻارن جي هر لحاظ کان بحاليءَ جي خدمتن جي فراهمي ڪندو. هن انساني حقن واري وزارت طرفان قانونسازيءَ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي آئين ۾ فراهم ڪيل ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ هاڻوڪين قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو.
194