228

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪئپٽن (ر) محمد صفدر جي عارضي ضمانت جي درخواست اُڪلائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪئپٽن (ر) محمد صفدر جي عارضي ضمانت واري درخواست نيب جي بيان کانپوءِ اُڪلائي ڇڏي. جسٽس عاليه نيلم جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران نيب لاهور هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته ڪئپٽن (ر) صفدر جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ واري ڪيس ۾ گرفتاريءَ جي ڪابه ضرورت ناهي. ٻه رڪني بينچ ڪئپٽن (ر) صفدر جي درخواست نيب جي بيان کانپوءِ اُڪلائي ڇڏي. گذريل ڏينهن عدالتي ٻُڌڻيءَ تي ڪئپٽن (ر) صفدر پنهنجي عارضي ضمانت جو مُدو ختم ٿيڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ آڏو پيش ٿيو. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻُڌايو ته ڪئپٽن (ر) صفدر کي ان خلاف اثاثن جي ڇنڊڇاڻ ۾ تصديق لاءِ گُهرايو هو، هاڻ هن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ٻه رڪني بينچ نيب جي وڪيل جي بيان تي درخواست اُڪلائي ڇڏي. بينچ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن نيب کي ڪئپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪرڻو هجي ته هڪ هفتو اڳ ۾ آگاهه ڪيو وڃي. ڪئپٽن (ر) صفدر پنهنجي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ نيب جي انڪوائريءَ تي لاهور هاءِ ڪورٽ کان رجوع ڪيو هو ۽ طلبيءَ جي نوٽيسز کي چئلينج ڪيو هو. ٻه رڪني بينچ جو ٻيو رڪن جسٽس شهباز رضوي هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو