ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ڊرامن جي مشهور اداڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته شوٽنگ دوران اداڪارائن سان ٻٽو معيار رکيو ويندو آهي، اشنا شاهه جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو ٻڌائي رهي آهي ته نوٽ ڪيو آهي ته شوٽنگ دوران مرد اداڪار سان الڳ ۽ عورت اداڪارا سان الڳ رويو رکيو وڃي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته عورت اداڪارا ڪو مطالبو ڪندي آهي ته ان جي ڳالهه کي هميشه منفي انداز ۾ ورتو ويندو آهي، ان جي ابتڙ مرد اداڪار سيٽ تي خراب رويو رکي يا ڪجهه ڊيمانڊ ڪري ته فورن مڃي ويندي آهي.
