اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۽ ڪلڀوشن بابت بل زوري منظور ڪرايا ويا، بل پڙهڻ جو حق نه ڏنو ويو، قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائين ۽ ان کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي اين آر او ئي ڏيڻو هو ته پوءِ ان بابت آرڊيننس آندو ئي ڇو ويو هو؟هن چيو ته بل پڙهڻ جو حق نه مليو، بل تي بحث جو حق نه ڏنو ويو ۽ ان تي اختلاف ريڪارڊ ڪراڻ جو حق به نه ڏنو ويو. جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملندي ته پوءِ اهڙي قانونسازي جو ڪهڙو فائدو ؟ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته قانون سازي ڪرڻ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي مڪمل طور تي مجروح ڪيو ويو، اهو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.
