اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين اقتصادي سروي 2020-21 جاري ڪري معيشت ۾ بهتريءَ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته پي آءِ اي، ريلوي ۽ بجليءَ جي ڪمپنين سميت 85 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪندي پريس ڪانفرن ۾ شوڪت ترين چيو ته معيشت ريڪور ٿي رهي آهي، هاڻ اسان استحڪام ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن سال فيبروري ۾ ڪورونا وري ڪَر کنيو ۽ الله جو شڪر آ ته هاڻ وبا ڪنٽرول ۾ آهي، ڪورونا سبب معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر معيشت هاڻ ريڪور ٿي رهي آهي. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ سيشن ۾ پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو پر ڪجهه نه ڪجهه رليف ضرورو ملندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پر وزيراعظم انڪار ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ، پگهاردار طبقي تي 150 ارب روپين جا نوان ٽئڪس لڳائڻ لاءِ چوي پيو پر حڪومت ان جا اهي ٻئي شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. بجليءَ جا اگهه نه وڌائينداسين ۽ نوان ٽئڪس به نه هڻنداسين. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلن پيو ان کي ٻيو ڪو متبادل پلان ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي، ريلوي ۽ بجليءَ جي ڪمپنين سميت 85 ادارا ٽوٽي ۾ آهن ۽ ٽوٽي ۾ ويندر ادارن جي نجڪاري ڪنداسين، ان لاءِ پهرئين مرحلي ۾ 15 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، هن چيو ته جيڪو به وزير ٿيندو آهي اهو نجڪاريءَ کان لنوائيندو آهي. آئون به ان بابت ڪابينا ۾گهڻو دٻاءُ برداشت ڪندو آهيان. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته ناڻي جي پهچ ثابت ڪري ٿي ته اوورسيز جو عمران خان سان واسطو آهي، ناڻي جي پهچ 29 سيڪڙو کان گروٿ ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ اسان جو سرپلس هلي رهيو آهي، هن چيو ته مٽاسٽا جو ناڻو 2018 ۾ 7 ارب ڊالر هو، هاڻ 16 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جون ٽيڪس وصوليون بهتر هلي رهيون آهن ۽ ٽيڪس وصوليون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، ٽي چار مهينن کان ماهوار گروٿ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، صنعتن ۾ 26 سيڪڙو گروٿ آئي آهي، اسان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ پيداوار وڌائڻ چاهيون ٿا، زراعت ۾ پيداوار کي وڌائينداسين، هاڻ اسان کي پنهنجو انفرا اسٽرڪچر به ٺيڪ ڪرڻو پوندو، زراعت تي زور ڏيڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪنداسين ته برآمد وڌي. سندس چوڻ هو ته اسان بجٽ 5.7 ٽريلين جو رکيو آهي، 1.7 ٽريلين قرض وڌيو آهي، گذريل سال 3.7 ٽريلين قرض وڌيو، جيڪو هن سال ان جو اڌ آهي، وياج جي شرح 13.2 مان گهٽائي 7 سيڪڙو تائين آندي وئي، اسان گروٿ کي 5، 6، 7 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ گروٿ آڻينداسين، اسان 4 سيڪڙو اوسر جي شرح تي آهيون، اها 7 کان 8 سيڪڙو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پائيدار اوسر شرح جي ڊگهي استحڪام لاءِ قدم کڻنداسين. شوڪت ترين چيو ته هن ڀيري بجيٽ ۾ غريب ماڻهو تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اسان کي غريب جي زندگي سولي ڪرڻي آهي، ان جا خواب پورا ڪرڻا آهن ۽ هن بجيٽ ۾ اسان لاءِ غريب پهرين ترجيح هوندو، آءِ ٽي 50 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي، ان کي 100 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، روايتي شين سان گڏوگڏ ٻين شين جي برآمد به وڌائينداسين، اسان کي برآمدن سان ۽ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان گري لسٽ مان وائيٽ ۾ اچي وينداسين.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/06/Shaukat-Tarin-356x320.jpg)