209

ملڪ ۾ بجلي جو سنگين بحران، تربيلا مان بجلي جي پيداوار بند، شارٽ فال 8 هزار ميگاواٽ برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جو سنگين بحران، تربيلا مان بجلي جي پيداوار بند، شارٽ فال 8 هزار ميگاواٽ برقرار، ان سلسلي ۾  سنڌ سميت ملڪ ۾ بجلي جي بحران سنگين ٿي ويو آهي، شهري علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب عوام ڏچي ۾ اچي ويو آهيم جڏهن ته تربيلا ڊيم ۾ مٽي اچڻ سبب بجلي جي پيداوار بند ٿي وئي آهي ۽ مشينري کي به نقصان پهچڻ جو خدشو، بجلي جي بحران جو نيپرا نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، بجلي جو مجموعي شارٽ فال 7 کان 8 هزار ميگاواٽ برقرار آهي، جڏهن ته اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي،  توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته تربيلا جي ٽنڪل 3 کي فعال ڪيو ويو، بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، شارٽ فال 593 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن شهري علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي صدر، ڊفينس، ملير، قائد آباد، ماروي ڳوٺ، شاهه فيصل ڪالوني، لانڍي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري آهي، حيدرآڀباد ۾ به شهري سخت پريشان نظر آيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو