249

فردوس عاشق ۽ قادر مندوخيل ۾ ٽاڪ شو دوران جهڙپ جو اسيمبلي ۾ پڙاڏو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فردوس عاشق ۽ قادر مندوخيل ۾ ٽاڪ شو دوران جهڙپ جو اسيمبلي ۾ پڙاڏو، ان سلسلي ۾ خانگي ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ فردوس عاشق اعواڻ ۽ قادر مندوخيل ۾ جهپڙپ جو گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پڙاڏو رهيو، قومي اسميبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٽاڪ شو دوران جهڙپ جي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، قادر خان مندوخيل چيو ته فردوس عاشق اعواڻ ٽي وي شو ۾ جيڪو سلوڪ ڪيو اها ايوان جي توهين آهي، هن چيو ته جيڪا زبان فردوس عاشق استعمال ڪئي اها عمران خان جي تربيت آهي، ٻئي طرف فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته خانگي ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ قادر مندوخيل سان بحث جو صرف هڪ پاسو ڏيکاريو ويو آهي، غلط زبان استعمال ڪئي وئي، وڊيو کي هڪ طرفو بڻائي پروپگئنڊا ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اسان کي ان تي افسوسو آهي، توهان هر ڳالهه تي عمران خان تي الزام ڇو لڳائيندا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو