204

نئين مالي سال جو وفاقي بجيٽ اڄ پيش ٿيندو، ترقياتي ڪمن لاءِ 9 کرب روپيا رکڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جو وفاقي بجيٽ اڄ پيش ٿيندو، اٽڪل 8 ٽريلين روپين جي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 9 کرب روپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي.  قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نئين مالي سال جو بجيٽ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين پيش ڪندو. وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جي ڪي فور،  ريڻي ڪئنال ۽ نئين گاج ڊيم سميت ننڍن ڊيمن لاءِ 25 ارب روپيا رکڻ جي تجويز به شامل آهي. حيدرآباد سکر موٽروي لاءِ 4 ارب 60 ڪروڙ روپيا ۽ ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيمن لاءِ ساڍا 84 ارب روپيا رکيا ويندا. بچاءُ واري ڊويزن جي ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب 97 ڪروڙ روپيا ۽ دفائي پيداوار جي ترقياتي رٿائن لاءِ هڪ ارب 74 ڪروڙ  روپيا رکيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو