ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ ٿيندڙ رڪارڊ اضافو عمران خان جي تبديلي جو اصل چهرو آهي، اڪنامڪ سروي 2021 جي حوالي سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڪنامڪ سروي ۾ غربت ۽ بيروگاري جو ذڪر ان لاءِ ناهي ڪيو ويو ته ان ڏينهن ۾ تاريخي اضافو ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ غربت ۾ تاريخي اضافو ٿيو جنهن سبب اڪنامڪ سروي مان غربت جو ذڪر غائب آهي، بلاول ڀٽو چيو ته غربت ۽ بيروزگاري جي انگن اکرن کي لڪائڻ ۽ مهانگائي جي لاءِ بهانا ٺاهڻ مسئلي جو حل نه آهي، جيڪڏهن اڪنامڪ سروي ۾ عوامي مسئلن جي صحيح نشاندهي نه ٿيندي ته اهي مسئلا ڪيئن حل ٿيندا، عوام تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف جي وزن کي کڻندي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي صورت ۾ عمران خان جي نااهلي جي مهانگي قيمت کي ڀڳتي رهيو آهي، ملڪي تاريخ ۾ بيروزگاري ۾ شرح ۾ ٿيندڙ رڪارڊ اضافو عمران خان جي تبديلي جو اصل چهرو آهي.
185