126

انڊس ڊيلٽا جي تباهي، ان جا ڪارڻ ۽ حل…

ليکڪ: فهد علي جانوري

 جنهن ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ آبي ۽ جھنگلي جيوت سميت ماڻهو دربدر ٿي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ويا آهن، درياهه جي ڇولين ڇُلڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪُنن جا ڪڙڪاٽ به نه رهيا آهن، انڊس ڊيلٽا تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي، سمنڊ جون ڇوليون آهن، جيڪي ڌرتي جو سينو چيري هاڻي سنڌو جي دولهه درياهه خان پل تائين اچي ويون آهن، سنڌو درياهه جي سنگم جا اهي به ڏينهن هئا، جڏهن درياهه مها ساگر ۾ سمائبو هو، هاڻي ته درياهه جو مها ساگر سان اهو رشتو به ڇنو ويو آهي، جنهن جو ڏک ڪنارن کان وڌيڪ ميربحرن کي آهي. اهو به وقت هو جو سنڌو جي ڊيلٽا ۾ سنڌو درياهه يارنهن ڦاڪن ۾ وهندو هو، جن ۾ پراڻ، نار، نيرو يا ساڱرو، ريڻ، ڳٺو، پٽيهل، گونگڙو ۽ سمنڊ سان لاڳو لاتعداد ڇاڙون، ڍورا ۽ ڦاڪ موجود آهن، جن مان گهڻا ته سنڌو درياهه جا ڇوڙ آهن، 1796ع تائين ٻگهاڙ شاخ ٻن حصن ۾ وهندي هئي، هڪ کي ٻگهاڙ ۽ ٻي کي شاهه شاخ سڏبو هو، جن مان جهاز راني پڻ ٿيندي هئي.1837ع کانپوءِ پٽي، جوڻا، ڪڪي، کڏي، رچيل مل ۽ حجامڙو ڏسڻ آيا، مل شاخ تي شاهه بندر اڏيل هو، جيڪو 1889ع واري زلزلي کان پوءِ ويران ٿيو، درياهه جا اهي وهڪرا جڏهن مها ساگر ۾ سمائبا هئا ۽ ان سنگم وارن ماڳن تي ديبل بندر، اورنگا بندر، علي بندر، سنڌڙي بندر، شاهه بندر، لاهري بندر يا لاڙي بندر اڏيل هئا، جيڪي گھڻي ڀاڱي سنڌوءَ جي ڇوڙ ۽ سمنڊ تي قائم هئا. انهن مان صرف لاڙي بندر بابت ابن بطوطه هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته ”هي بندر مکيه بندر هوندو هو، جتي يمن، فارس ۽ ٻين هنڌن جا ماڻهو ايندا هئا ۽ منجهانئس سٺ لکن جو ٽئڪس ڪٺو ٿيندو هو“ هن وقت اهو بندر به تباهه ٿي ويو آهي، ان جيان ٻين بندرن جي پڻ هاڪ هئي، جتان ڏيساورن ڏانهن ٻيڙياتا ايندا ۽ ويندا هئا، ڏٺي ڏياري سامونڊي سڙهه سنڀائيندا هئا ۽ پوءِ مختلف پتڻن تي جن ۾ سوکي پتڻ، ونگائي پتڻ، پالڪي پتڻ، باگا پتڻ، پاريڙي پتڻ، سيد پور پتڻ، ٺٽو پتڻ، سورجاڻي پتڻ، مولچند پتڻ، جھرڪ پتڻ ۽ تڙن تي سندن وهون انتظار جي بتيلن ۾ درياهه شاهه تي آکا ڀاسينديون هيون، جڏهن سامونڊي تڙن تي ايندا هئا ته سندن انتظار ڪندڙ ناريون فانوس ٻاري آکا ارپنا ڪنديون هيون ۽ انهن تڙن تي مون مرکان بڻجي تنهنجا لاڏا ڳايا جي لوڪ گيت وانگر سڄڻ جي سار جا گيت ڳائينديون هيون، هاڻي ته ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ڀنڀور، روپا ماڙي، نند ڪوٽ، احمد راڄو، علي بندر، سنڌڙي بندر، لاهري بندر، ڪينجهر جون سنڌوءَ واريون ڪنڌيون، مڪلي، سونڊا، ولاسو ۽ ونگو به ويران ٿي ويا آهن، هي خشڪي وارا اهي رستا هوندا هئا جتان ڪڏهن اٺن تي ڳاڙها چانور ۽ سنڌي گيهه جون قطارون لڏبيون هيون، اهي به 1947ع ۾ ٻه جدا وطن ٿيڻ سبب واٽون ويران ٿي ويون آهن، موکي جا مٽ به نه رهيا آهن. ۽ ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي به الائجي ته ڪيڏانهن ويا، رامڪلي ڪنهن نه جھلي جا ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪنوٽيا ڪن چير به پنهنجي ماڳ تي موجود ڪونه آهن، گذريل 3 ڏھاڪن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي نه اچڻ ڪري ساحلي علائقن جون 30 قدرتي ڍنڍون سامونڊي ويرن جي ور چڙھي تباھ ٿي ويون آھن، جن ۾ 6 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل سجاول ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پيڻن واري مڪمل سمنڊ اندر اچي وئي آھي. لڄاڻو ڍنڍ، وينگار ڍنڍ، ماڻٺي ڍنڍ، ڪوري، لاھن واري، چر ٻر، جھٻو، ڇڇ، گڏاپ، رپڙ، ڪڙ، ڇاڻ، سانڀيڙ ڍنڍ، ڍانگ، ويڪئي، چوپٽي، ونئڻ ڍنڍ، کڏي، ڪاجري، تل، جھم، انڍو، سور ھڏي، فانڊو، پٽيجي، گھاڙي، شيخاڻي، شڪور ڍنڍ ۽ نريڙي ڍنڍ به سمنڊ اجاڙي ڇڏيون.ڍنڍن جي تباهي سبب قدرتي ماحولياتي نظام کي نقصان رسڻ ڪري مڇين جا سوين نسل اڻلڀ ٿي ويا آھن، جن ۾ گوج، بونھڻ، ڳانير، پوپري، لوڙھ، ڪنگ، ڀون ڦاڙ، گندڻ، دانر، ڏنديو، گلو، مور مڇي ۽ ٻيا نسل شامل آھن. ماڃر جو علائقو قدرتي پاڻين سبب سنڌ ۾ مشھور ھو پر لڳاتار درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ جي کاري پاڻي جر توڙي خشڪي کي لپيٽ ۾ آڻي ڪيتريون ئي ڍنڍون ختم ڪري ڇڏيون، جنھن ڪري قدرتي ڍنڍن ۾ ملندڙ مڇين جا سوين نسل به ختم تي چڪا آهن، هن وقت ڄامشوري وٽ درياهه جي پيٽ ۾ واري اڏامي ٿي، جڏهن مهاڻن جون ٻيڙيون تڙن تي اداس بيٺيون هجن، تڏهن انهي انڊس ڊيلٽا جا سڏڪا انهن حڪمرانن کي ضرور ٻڌڻ گهرجن، جن جي خيال ۾ پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ زيان آهي. هي زيان ناهي پر زيان اهو آهي جيڪو پاڻي جي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سبب ٿي رهيو آهي. انڊس ڊيلٽا ٿورو ٿورو ٿي موت جي حوالي ٿي رهيو آهي، هڪ عظيم تهذيب پڇاڙڪن پساهن ۾ آهي، ڇا حڪومت اکيون پٽيندي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻيءَ جو ڇوڙ ممڪن بڻائيندي يا تاريخ هڪ تهذيب جو نوحو ڳائيندي؟ (پورو ٿيو)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو