108

ڪورونا جي ڏينھن ۾ دل جا روڳ، زندگيون ڪيئن بچائي سگهجن ٿيون؟

ليکڪ: حسين منصور

وبائون ۽ وڏيون وڏيون قدرتي ۽ انساني آفتون وڏا ۽ اڻ وسرندڙ سبق ڏينديون آھن، اُنھن اڻ وسرندڙ سبقن آڌار منش پنھنجي جيون ۽ ڀَوِش جا معاملا طئي ڪندو آھي. پر اسان اھڙين قومن مان آھيون جيڪي ڪنھن  بھ مصيبت توڙي وبا مان ڪجھھ بھ نھ پرائيندا آھيون ۽ شين کي سگھوئي وساري ڇڏيندا آھيون  ۽ مٿان وري نفسياتي طور ھڪ عجيب و غريب نفسياتي خوش فھميءَ جو شڪار ھوندا آھيون تھ پاڻ تھ وڏا ڪي اُتم آھيون، پر طئي ٿيل حقيقتون  اُن جي بنھھ ابتڙ آھن، عقل ۽ فھم بدران پنھنجي ھوڏ ۽ جھالت کي ھٿي وٺرائڻ سان اسان تي مستقبل جا ڪي بھ روشندان کُلي نھ ٿا سگھن، اڄ تھ معاملا ڪجھھ اھڙا ٿي ويا آھن جو اوجهڙ هليا نه ڀُليا، راهه هليا ڀُلجن، اڄڪلھھ ٻھ جماعتي سوشل ميڊيائي مجاھد پنھنجي ٿوري گھڻي ٻُڌ سُڌ آڌار ماڻھن جي صحت سان لاڳاپيل مستقبل طئي ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪتل آھن ۽ ڪورونا جي حوالي سان افواھه پکيڙيا پيا وڃن، اسان جو ھڪ سنگتي شھدادڪوٽ واسي مامو مولا بخش جوڻيجو ھوندو ھو، ڄمار ستر ورھين جي لڳ ڀڳ ھُئس، جڏھن کان ڪورونا جي وبا آئي تڏھن کان راوي کيس ٻاھر نڪرڻ کان منع ۽ ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلو رکڻ ۽ توڙي ڪورونا جي ٻين سمورين ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رھيو، پر  ھوڏ تي بيٺو رھيو تھ ”ڪورونا ڊرامو آھي اھا بيماري کيس ڇا ڪندي، مڙئي اچي ماڻھن شور ڪيو آھي،“ سو ھمراھھ ڪورونا جون ٻھ لھرون تھ جيئن تيئن ڪڍي ويو، پر ٽئين لھر جي سٽ سهي نھ سگھيو، ڊاڪٽرن کان پتو پيو تھ ھمراھھ اڳواٽ ئي جيري يا جگر (liver) جي بيماري ۾ ورتل ھو، سو ڪورونا جي اثر سبب سندس جيرو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو، ڳالھھ چٽي ڪندا ھلئون تھ ماھرن جو خيال آھي تھ ڪورونا جو وائرس جڏھن حملو ڪندو آھي تڏھن اھو اڳواٽ کان جسم ۾ موجود وڏين بيمارين، مثال طور، ھيپاٽائٽس، دل جا مرض، فالج، دم، مِٺا پيشاب، جھڙين بيمارين کي ٽيڻ چئوڻ تي ھٿي وٺرائيندو آھي ۽ انسان جو مدافعتي يا بيمارين کان بچاءُ وارو نظام وڏي پيماني تي ختم ٿي ويندو آھي ۽ موت واقع ٿيندو آھي. ايئن کڻي سمجھجي تھ ڪورونا جي وائرس سبب ٻين بيمارين کي جيڪا سگھھ ملي ٿي سا فوتگين ۾ وڏي حد تائين واڌارو آڻي ٿي. پاڻ وٽ دل جي بيماري عام جام آھي، اُن جا ٽي وڏا ڪارڻ آھن، ھڪ تھ فارمي مرغين جي پالنا ۾ استعمال ٿيندڙ انجيڪشنون، چرٻي واري گيھھ جو استعمال ۽ ٽيون سگريٽ جو وڏي پيماني تي عام واھپو.سو سنڌ ۾ دل جي بيمارين جي حوالي سان ھڪ ئي وڏي خيراتي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي آھي، جنھن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ويھارو کن دل جي بيمارين ۽ سيني جي سور جا يونٽ بھ کولي رکيا آھن، ڇاڪاڻ تھ دل جي دوري جي مريض لاءِ ھڪ ڪلاڪ انتھائي اھم ھوندو آھي، اُن ھڪ ڪلاڪ جي اندر جيڪڏھن اھو مريض ڪنھن دل جي اسپتال تائين پھچي تھ سندس بچڻ جا ڪي امڪان باقي ھوندا آھن ۽ نھ پھچڻ جي صورت ۾ سندس حياتي داءَ تي لڳي ويندي آھي ۽ چئن ڪلاڪن  جي اندر اندر ماڻھو موت جي منھن ۾ ھليو ويندو آھي. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جا غير سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا تھ پاڪستان ۾ دل جي بيمارين سبب روزانو ھڪ ھزار ماڻھو موت جي منھن ۾ ھليا وڃن ٿا ۽ اداري جو اندازو آھي تھ 2025ع تائين دل جي بيمارين سبب ھڪ ڏينھن اندر فوت ٿيندڙ ماڻھن جو انگ 2000 تائين پھچي ويندو. ڪورونا جي ھن وبا جنھن پوري دُنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي پھرين لھر کان ٽين لھر تائين لکين ماڻھو اُن وبا جي ڪري موت جي منھن ۾ ھليا ويا آھن، پاڪستان ۾ دل جي بيمارين جي سڀني کان وڏي اداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيووسڪيولر ڊزيز (اين آءِ سي وي ڊي) پريوينٽو ڪارڊيالوجي(دل جي روڳ جي روڪ) جو شعبو قائم ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي. اھو شعبو سڀني کان پھرين اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آھي. ھن شعبي ۾ دل جي مرض ۾ ورتل ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو پهتا، جيڪي ڪورونا جي ور چڙهيا ۽ دل جي روڳ جي روڪ واري شعبي ۾ پھتا تھ صحتياب ٿي ويا. اُسريل ملڪن ۾ صحت جون بھترين سھولتون موجود آھن، ڪورونا سبب دل جي روڳ وارن مريضن ۾ تمام گھڻي واڌ آئي آھي ۽ مختلف ملڪن دل جي روڳ جي روڪ وارو طريقيڪار استعمال ڪري ماڻھن کي موت جي منھن ۾ وڃڻ کان بچايو آھي. پاڪستان ۾ اھو طريقيڪار رڳو محدود حد تائين موجود آھي. پري وينٽِوِ ڪارڊيالوجي ڇا آھي؟ سوال جو جواب اھو آھي تھ ھي ھڪ قسم جو طريقيڪار آھي، جنھن تحت دل جي مريض جي بيماري کي وڌڻ کان روڪڻ، دل جي دوري جي خطري کي گھٽائڻ آھي. ڳڻتي جوڳي ڳالھھ اھا آھي تھ ڪورونا جو وائرس دل جي مرض ۾ ورتل ماڻھن جي مرض جي  شدت کي وڌائيندو آھي، اُن صورتحال ۾ دل جي روڳ جي روڪ وارو شعبو ئي بھتر تحفظ مھيا ڪري سگھي ٿو. توڙي جو ماھرن جو خيال آھي تھ انساني ڇِڪ يا نِڇ ۾ خارج ٿيڻ واري ھڪ قطري ۾ ڪورونا جا ٻارنھن لک وائرس موجود آھن ۽ ماڻھن کي سختيءَ سان اُن کان بچاءُ وارن اُپائن تي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آھي، ڪجھھ ڊگھي مدي واريون بيماريون  يا وري مستقل روڳ  ھوندا آھن، جن ۾  دل جون بيماريون، فالج، ھيپاٽائيٽس جي وائرس واريون بيماريون، شُگر وغيرھ عام آھن. حقيقت اھا آھي تھ دُنيا ۾ 80 سيڪڙو ماڻھو دل جي بيمارين سبب موت جي منھن ۾ھليا ويندا آھن، پاڪستان جھڙي اسرندڙ ملڪن ۾ اھا شرح اڃا بھ وڌيڪ آھي. اين آءِ سي وي ڊي جي ماهر ڊاڪٽر خاور عباس ڪاظمي جو  چوڻ آھي تھ ڪورونا ھڪ موتمار بيماري آھي، ماڻھن کي اھا حقيقت تسليم ڪندي زندگي گذارڻ لاءِ نوان طريقا اختيار ڪرڻ گھرجن، غير سنجيدھ رويو نھ قبولڻ جوڳو آھي. ڪورونا جي ھاڻوڪي صورتحال ۾ ان کي سنجيدھ نھ ورتو ويو تھ دل جي مرض ۾ ورتل ماڻھن جي فوتگين جي تعداد ۾ وڏي پيماني تي واڌ اچي سگھي ٿي. طب سان لاڳاپيل ماھرن جو چوڻ آھي تھ شگر ۽ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻھن تي ڪورونا جو وائرس تمام گھڻي شدت سان حملي آور ٿئي ٿو، ٿولھھ جو شڪار ۽ بزرگ ماڻھو بھ ھن بيماريءَ جو آساني سان شڪار ٿي سگھن ٿا، دل جي روڳ ۾ ورتل ماڻھو بھ ڪورونا وائرس سبب موت جي منھن ۾ ھليا ويندا آھن، اُن لاءِ روڳ کي روڪڻ وارن اصولن موجب ماڻھن کي ورزش  ۽ احتياط ڪرڻ گھرجي تھ جيئن اُن ماڻھوءَ ۾ مرض جي شدت ۾ واڌ نھ اچي سگھي، ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل ٻن سالن اندر وڏي پيماني تي ماڻھو موت جي منھن ۾ ھليا ويا آھن، معيشتون ويھجي ويون آھن ۽  ماڻھو  نفسياتي پريشانين جو شڪار ٿي ويا آھن. راوي اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي  ۾ نئين جوڙيل دل جي روڳ کان روڪ واري شعبي جي سربراھھ خاور عباس ڪاظمي کان پُڇيو تھ ڪورونا جي وبا وارن ڏينھن ۾ ماڻھن کي پنھنجو بچاءُ ڪيئن ڪرڻ گھرجي؟ ڊاڪٽر خاور عباس ڪاظمي جو چوڻ ھو تھ ڪورونا وبا دوران پريوينٽو ڪارڊيالوجي، يا وري دل جي روڳ جي روڪ وارو طريقيڪار انساني زندگيون بچائڻ جو تمام اھم ٽول آھي، پر آگاھي نھ ھجڻ ڪري ماڻھو اُن سھولت کان محروم رھندا آھن. اين آءِ سي وي ڊي ڪورونا جي وبا واري ھاڻوڪي صورتحال ۾ دل جي بيمارين ۾ ورتل ماڻھن کي بچاءُ مھيا ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھن شعبي کي فعال ڪري ڇڏيو آھي، تھ جيئن  گھڻي کان گھڻيون انساني زندگيون بچائي سگھجن ۽ ڊاڪٽرن توڙي ٻئي عملي کي پري وينٽِوِ ڪارڊيالوجي جي تربيت ڏني پئي وڃي  تھ جيئن اُھي بھ پنھنجو ڪردار اثرائتي نموني نڀائي سگھن.  ھڪ رپورٽ موجب ڪورونا جي پھرين لھر ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي بيمارين  ۾ ورتل ماڻھن جو تعداد گھٽ ٿي ويو ھو، اُن جو سبب مرض جو گھٽ ٿيڻ نھ ھو پر ماڻھو ڪورونا وبا جي شدت سبب ماڻھن اسپتالن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو ھو. جيئن ئي ڪورونا جي وبا تي ٿورو ضابطو آيو تھ اين آءِ سي وي ڊي ۾ مريضن جو تعداد وڏي پيماني تي وڌي ويو، جنھن مان اھا ڳالھھ ظاھر ٿئي ٿي تھ پاڪستان سميت پوري دُنيا ۾دل جي بيمارين ۾ وڏي پيماني تي واڌ آئي آھي ۽ ماڻھو ڪورونا جي وبا سبب پنھنجن گھرن ۾ موت جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو