100

معيشت ۽ حڪومتي دعوائون….!!

ليکڪ: سليم صافي

معيشت جو ماهر هجڻ ته پري جي ڳالهه آئون حساب ڪتاب ۾ به انتهائي بيڪار آهيان ۽ گهر جي معيشت به صحيح طريقي سان نٿو هلائي سگهان، ڇو ته منهنجو عام طبقي سان تعلق آهي ۽ بطور صحافي عام پاڪستان جي حالت کان بخوبي آگاهه به آهيان، حقيقت اها آهي ته عام ماڻهو معاشي لحاظ کان جيترو هن دور ۾ پريشان آهي، ايترو اڳ ڪڏهن به نه هو ۽ مختلف مافياز يا وري وڏا سرمائيدار جيترا هن دور ۾ مزي ۾ آهن جو به ماضي ۾ مثال نٿو ملي، حقيقت اها آهي ته ميڊيا ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ حڪومتي پروپئگنڊائن ۽ زميني حقيقتن ۾ رتيءَ برابر به هڪجهڙا هجي ها ته اسان به سک جو ساهه کڻون ها، پر افسوس ته زميني حقيقتن ۽ حڪومتي دعوائن ۾ ايترو فرق اهي جيترو عمران خان جي حڪمران بڻجڻ کان اڳ جي بيانن ۽ اڄ جي عمل ۾ آهي، پهرين ڳالهه ته اها آهي ته عمران خان جي ٽيم ۾ اقتصادي سقراط اسد عمر کي سمجهيو وڃي ٿو، حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران لکين گهر ٺاهڻ، ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ ۽ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران آپگهات کي ترجيح ڏيڻ جهڙيون ناقابل عمل دعوائون ڪيون ويون ۽ اهي سڀ اسد عمر جي دعوائن جي بنياد تي ڪيو هيون، اسان جهڙا شاگرد ته سالن کان عرض ڪندا رهيا ته اسد عمر معيشت جو ماهر نه پر مارڪيٽنگ جو ماهر آهي ۽ مارڪيٽنگ به صرف پنهنجي ذات جي ڪري سگهي ٿو، پر ان وقت جيئن ته مقتدر قوتن جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مخصوص صلاحيتن جي بنياد تي هن عمران خان کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري رکيو هو ۽ هو کيس دنيا جو عظيم معيشت جو ماهر سمجهي رهيو هو، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ خزاني واري وزير طور اسد عمر ملڪي معيشت جو ٻيڙو اهڙو ته جلدي غرق ڪيو جو خود عمران خان کيس وڏن جي چوڻ تي هٽائڻو پيو،هاڻ جيڪڏهن واقعي پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرئين سال جون معاشي پاليسيون ڪامياب هيون ته پوءِ اسد عمر کي هٽائڻ نه گهرجي ها پر کيس هٽائي عمران خان عملي طور تسليم ڪيو ته ان جي پاليسي جي نتيجي ۾ معيشت تباهه ٿي رهي هئي، اسد عمر کانپوءِ عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خزاني واري وزير حفيظ شيخ کي وٺي آيو، حفيظ شيخ جي باري ۾ پاڻ عمران خان ماضي ۾ اسان کي ٻڌائي چڪو آهي ته هو آءِ ايم ايف خاطر معيشت کي تباهه ڪري ٿو، جڏهن ته حفيظ شيخ آصف علي زرداري جي دور ۾ وزير هو ته شيرين مزاري کان وٺي عمران خان تائين پي ٽي آءِ جا سڀ اڳواڻ ان خلاف هڪ زبان هئا. اسان جهڙن شاگردن جي تڏهن به ان بابت اها راءِ هئي ۽ هاڻ به اها آهي ته هو پاڪستاني عوام جي ڏک درد کي سمجهي ئي نٿو، بهرحال ڏيڍ سال هو پاڪستان جي معيشت سان کيڏيو ۽ پوءِ عمران خان کيس وزارت تان هٽائي ان راءِ تي مهر هڻي ڇڏي ته حفيظ شيخ معيشت کي تباهه ته ڪري سگهي ٿو پر بحال نٿو ڪري سگهي، حفيظ شيخ کي هٽائي  عمران خان عمل ذريعي ثابت ڪري ڇڏيو ته شيخ صاحب جون معاشي پاليسيون ناڪام ۽ نقصان ڏيندڙ هيون، حفيظ شيخ کي هٽائي عمران خان وري به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور جي هڪ ٻئي خزاني واري وزير شوڪت ترين کي وٺي آيو آهي، چارج سنڀالڻ کانپوءِ هن اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران قوم کي ٻڌايو ته هن حڪومت جي اقتصادي پاليسين جو ڪو به دڳ نه آهي، معيشت جي ستياناس ٿي چڪي آهي ۽ اهو آءِ ايم ايف سان انتهائي غلط ٺاهه ڪيا ويا آهن، پر هاڻ جڏهن بجيٽ جو وقت ويجهو آيو ته اوچتو وزيراعظم ۽ ان جي ترجمانن جي جي ڊي پي گروٿ ۾ اميد جي ابتڙ واڌ جي نويد ڏئي دعويٰ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته معاشي صورتحال انتهائي بهتر ٿي وئي آهي، ٻنهي اڳوڻن خزاني وارن وزيرن کي ناڪام ۽ معيشت جي تباهي جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر عمران خان حڪومت جي موجوده خزاني واري وزير شوڪت ترين قرار ڏنو آهي، ترين جي پاليسين جو نتيجو ته اڃا ناهي آيو، پر ايندڙ سالن ۾ يقينن سامهون ايندو، ان تناظر ۾ سوال اهو آهي ته جڏهن خزاني وارا وزير ناڪام هئا ته سندن اقتصادي پاليسيون ڪامياب ڪيئن ٿينديون؟ ۽ جيڪڏهن گذريل سال دوران معيشت کي 4 چنڊ لڳي ويا هئا ته پوءِ حفيظ شيخ کي ڇو هٽايو ويو؟پوءِ ته کيس تمغه امتياز سان نواز گهرجي ها، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پر سندن وزارت ڪامياب هجي؟ حقيقت اها آهي ته حڪومت لاءِ معيشت جي بهتري ۽ جي ڊي پي گروٿ جو اهو جڳاڙ به هڪ اهڙي شخص ٺاهيو آهي جيڪو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ به سرڪاري آفيسر جي حيثيت سان اقتصادي پاليسين جو آرڪيٽيڪٽ هو ۽ اسحاق ڊار سان گڏ به سيڪريٽري هو، اسان کي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ ٻڌائيندا رهيا آهن ته اسحاق ڊار جي دور ۾ انگن اکرن جي ڳڙ بڙي ٿيندي رهي آهي، هاڻ جيڪو شخص انهن حڪومتن ۾ اهي ڪم ڪري رهيو هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ان جي انگ اکرن جي جڳاڙ تي ڀلا يقين ڇو ڪيو ويو؟ معيشت جي بهتري ۽ جي ڊي پي گروٿ جي حوالي سان حڪومتي دعوائن تي ان لاءِ به يقين نٿو ڪري سگهجي ڇو ته موجوده حڪومت ان حوالي سان ماضي ۾ غلط بياني جي مرتڪب ڏٺي وئي آهي، مثال طور گذريل سال بجيٽ دوران جي ڊي پي جي جيڪا شرح ٻڌائي وئي اها ان جي پنهنجي نظرثاني ٿيل ڪاٿي کان تمام گهٽ نڪتي ۽ پوءِ عالمي ادارن حڪومت جي نظرثاني ٿيل ڪاٿي کي به غلط قرار ڏنو، اهڙي طرح هي حڪومت معاشي حوالن سان ڪاٿا ۽ انداز لڳائڻ ۾ به نااهل ۽ نڪمي ثابت ٿي آهي، گذريل سال هن جي ڊي پي جو جيڪو ڪاٿو سال جي شروعات ۾ لڳايو هو عملي طور سال جي خاتمي تي جي ڊي پي گروٿ ان جي اڌ تائين به نه رهي آهي ۽ اهڙي طرح موجوده مالي سال جي شروعات ۾ هن پنهنجي آڏو جيڪو هدف رکيو هوهاڻ ان کان وڌيڪ گروٿ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، يعني گذريل سال جيڪو هدف رکيو هو ان جو اڌ به حاصل نه ڪري سگهي ۽ ان سال جيڪو هدف رکيو هو هاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته ان کان وڌيڪ گروٿ ٿي آهي. هاڻ جنهن حڪومت جي معاشي ٽيم ان قدر نااهل يا غير سنجيده هجي جو اها جي ڊي پي گروٿ جهڙي بنيادي عمل جو صحيح اندازو به نه لڳائي سگهندي هجي ته ان جي دعوائن تي ڀلا ڪير ڇو يقين ڪندو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو