ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
انساني ايجادن ۾ ٽيلي ويزن جي ايجاد تمام اهم آھي، ڏوارهين ڏيهھ توڙي پنهنجي ڏيهھ جي ڏس پتي کان باخبر رهڻ لاءِ ٽي وي تمام وڏي اهميت رکي ٿي، ٽي وي تي جتي خبرون چارون ملن ٿيون اتي ٻي به گهڻي معلومات به ميسر ٿئي ٿي ان کان سواءِ ڪيترائي تفريحي اصلاحي ۽ ديني پروگرام به گهر ۾ ڏسي سگهجن ٿا، ٽي وي واندڪائي جي وندر به آھي ته وقت جو زيان به آھي، جڏهن کان آسمان ۾ سيٽلائيٽ ڇڏيا ويا تڏهن کان بازار ۾ نجي ٽي وي چينلز جي ڀرمار شروع ٿي وئي، انهن چينلن سٺن پروگرامز وسيلي عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ڊوڙ به لڳائي ڇڏي، جئين سندن ريٽنگ ٽاپ تي رهي، نجي نيوز چينلز سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ پنهنجا نمائنده مقرر ڪري سڄو ڏينهن تيز تڪڙيون ۽ ڀروسي جي لائق خبرون ڏيڻ جو اڻ کٽ مقابلو شروع ڪري ڏنو آھي، هر چينل جي اها ڪوشش ھوندي آھي ته بريڪنگ نيوز بريڪ ڪري عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي، ان ڪوشش ۾ رپورٽر کان وٺي ٽيڪنيڪل عملو ايڊيٽر نيوز ڪاسٽر ۽ براڊڪاسٽنگ جو شعبو بلڪل چست نظر ايندو آھي، شام جو ستين کان پوءِ ملڪي توڙي غيرملڪي حالتن، حالات حاضره، سياسي لاهن چاڙھن معاشي مسئلن امن امان توڙي سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ ماهر مبصرن سان گڏ سٺن سياستدانن کي سينئر گفتار جي غازي ميزبانن جي ميزباني هيٺ هلندڙ پروگرامز ۾ گهرايو ويندو آھي، اهي ماڻھو پنهنجي پيشيواراڻين خوبين وسيلي انهن مسئلن تي خوب ڳالهائيندا آھن، اهڙا کوڙ پروگرام مختلف ٽي وي چينلز جي اسڪرين جي زينت ٿيندا آھن، گذريل رات اوهان سڀني ڏٺو ته پي ٽي آءِ جي سٺي قد ڪاٺ ۽ جسماني طور تي ڀريل ۽ طاقتور عورت مشير پ پ پ جي سنهي سيپڪڙي مرد اڳواڻ کي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي، ان چماٽ جي گونج پوري دنيا ۾ ٻڌي وئي ۽ هر ماڻهو پنهنجي عقل ۽ فهم وسيلي پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا، ڪن ڇا چيو ڪن ڇا چيو پر جن جيڪو به چيو اهو صحيح چيو ڇو ته اسان کي سڀ جي راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي نه ته اسين به آپي کان ٻاهر ٿي وينداسين ۽ ڪٿي نه ڪٿي آپي کان ٻاهر نڪري پنهنجي مٿان ٺٺول ڪرائي سگهون ٿا، هي ڪو پهريون واقعو ناهي جو سياستدان هڪ ٻئي سان دست و گريبان ٿيا هجن، اهڙي قسم جا کوڙ جهيڙا پوري دنيا ۾ ٿيندا آھن، سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رکندڙ ماڻھن تي حملا ڪرڻ ڪا نئين ڳالھه ناهي پر چوندا آھن جڏهن انسان وٽ علمي دليل ختم ٿي وڃن يا پاڻ کي مخالف آڏو هلڪڙو محسوس ڪري تڏهن آپي کان ٻاهر نڪري غيرمهذب ٻولي استعمال ڪندو يا پرتشدد رويو اختيار ڪندو آھي، اڄ اسين دنيا جي جهيڙن تي نه پر پنهنجي ڪجهھ پاڪستاني سياستدانن جي جهيڙن جو ذڪر ڪنداسين ڇو ته پنهنجو دنيا سان ڇا؟ اسين رڳو پنهنجي ملڪ جي ڳالهھ ڪنداسين ته اسان کي ڪافي مهذب پڙھيل لکيل اسان جي هزارين ووٽن سان ڪامياب ٿيل ميمبر اسان جي سماج جا بهترين انسان پنهنجي تڪ جا هردلعزيز اڳواڻ ڪئين هڪ ٻئي سان وڙھندي نظر ايندا آهن، ملڪي تاريخ جي ويجهي ماضي ۾ نظر ڊوڙايون ته ساڳي فردوس عاشق اعواڻ صاحبه ائين ئي ڪشماله طارق تي هڪ ٽي وي پروگرام دوران لفظن جا خطرناڪ تير وسائيندي نازيبا لفظ استعمال ڪيا هئا، جوابي حملي ۾ ڪشماله طارق به گهٽ نه ڪئي جئين کين وڻيو تئين لقبن سان نوازيو، ميزبان نسيم زهره جهيڙي جي نوعيت کي سمجهندي وقفو وٺي وڌيڪ ٿيندڙ گند کي عوام آڏو اچڻ کان بچائي ورتو، قانون جھڙي مقدس شعبي سان وابسته خورشيد احمد قصوري جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان ڪير واقف ناهي، ان جو سيد فيصل رضا عابدي جو به نيشنل ٽي وي تي جهيڙو ٿي پيو هو ايتري قدر جو سندن هٿ هڪٻئي جي ڳچي ۾ پوڻ وارا هئا پر اينڪر وقفو وٺي ٿيندڙ ويڙھ کان ناظرين کي ڏور رکيو، ساڳي ڪار مرحوم نعيم الحق به ڪئي ۽ ان وقت جي نواز ليگ جي اهم گھڻ ڳالهايو وفاقي وزير دانيال عزيز کي هلندڙ پروگرام ۾ چماٽ وهائي ڪڍي هئي، ان چماٽ جي گونج به گهڻن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، پي ٽي آءِ جي شھريار آفريدي ۽ آصف ڪرماني وچ ۾ به گارين جو ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ هڪ بهترين ڪانٽي دار مقابلو ٿيو هو، ان کان پوءِ هاڻي ڪجهھ ھفتا اڳ فيصل واوڊا جهڙي غير پارلياماني ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھو نيشنل ٽي وي جي هلندي پروگرام ۾ هڪ لانگ بوٽ آندو، بوٽ چٽڻ جو ذڪر ڪري پنهنجي مخالفن تي تنقيد ڪئي، اڃا ٻيا ڪيترائي واقعا آھن پر مون چند جو ذڪر ڪيو، هاڻي هي اهي ماڻھو آھن جن کي اسان پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا آھيون، سندن ڪاميابي لاءِ اسين سر ڌڙ جي بازي لڳائيندا آھيون جڏهن انهن جو ٽي وي تي اهڙو ڪردار ڏسندا آھيون ته پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ايندي آھي، انهن جي روين سان سماج جا رويا جڙندا آھن، ڪارڪن هميشه اڳواڻن جي پيروي ڪندا آھن جي اسان جا اڳواڻ اهڙا آھن ته ان جو ڪارڪن تي ڪهڙو اثر پوندو؟