121

جيءُ سان جيءُ ملي ٿو…

ليکڪ: مٺل جسڪاڻي

منھنجي متعلق مون کي ۽ تنھنجي متعلق توکي ئي سوچڻو ۽ نبرڻو پوندو، ته لکجي ڇا؟ چئجي ڇا؟ ڪجي ڇا؟ جنھن جو ردعمل برداشت جوڳو ھجي. سھڻ جي سگهه ھجي. ڇو ته کائي ھر ڪو پنھنجو ٿو، رھي ھر ڪو پنھنجي گهر ٿو. ڏي وٺ جي ڀاڄي، جنھن عزت احترام سان ڏبي، ان مطابق، ان جھڙي به جيڪڏھن ملندي، ته قبول ڪري سگهبي يا نه؟ جيءُ سان جيءُ ملي ٿو. سکيا يا تربيت ڪرڻ، حق سچ چوڻ جو واجب طريقو ڪھڙو آھي؟ اھو سمجهڻو پوندو. گل بدلي گل، گل بدلي ڪنڊن وارو گل، گل بدلي ڪنڊا، سڀ سلسلا روان دوان آھن، ڪنڊن کان آجا، رنگ برنگي، سھڻا ۽ خوشبودار گل ماڻڻ لاءِ، پنھنجي زبان ۽ پنھنجي قلم جو درست استعمال ڪرڻو پوندو، نه ته سڀ لفظ ۽ لھجا، تير ڪمان، بڙڇون ۽ ڀالا به دنيا ۾ ھر ھنڌ، سڀني وٽ آھن، ھر لفظ، ھر جملو، معنيٰ رکي ٿو. ھر تشبيهه، ھر اشارو، مقصد ۽ مطلب وارو هوندو آهي، ٻُڌل يا پڙھيل لفظن، جملن، تشبيھن ۽ اشارن تي ڌيان ڏئي، مقصد مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سمجهڻ جي ڪوشش سان ئي سمجهه وڌي ٿي، جڏھن يا جيتري سمجهه ھوندي، تڏھن يا اوترو ئي سمجهه ۾ ايندو، ڀُل چُڪ جو خير آھي، ٿي ويندي آھي، ڪير به نشاندھي ڪري يا اشارو ڏي، ته ان تي ويچارڻ گهرجي. ويچارڻ سان ئي ڀل چڪ جي خبر پوندي، ڀل چڪ ظاھر ٿيڻ ۽ سمجهه ۾ اچڻ کان پوءِ، ٿيل ڀل چڪ جو بلو، سڌاري ۽ درستگي وسيلي ڪرڻ گهرجي، درست نه ڪرڻ سان ڀل چڪ رھندي، رھندي ته وري وري نشاندھي به ٿيندي رھندي، اھڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالھيون سمجهڻ باوجود، ٻين کي سمجهائڻ جي ڪوشش باوجود، غلطيون به ۽ ڀل چڪ پڻ، پاڻ کان به ٿي ويندي آھي. ٿيندي رھندي آھي. نقصان ٿيو آھي، نقصان ٿيا آھن، سمجهه ۾ به سڀ ڪجهه اچي پيو، ڪري به ڪجهه نه ٿو سگهجي… زندگي آھي، ھلي پئي… جتي اھو طئي ھجي، ته آئون درست آھيان، اتي بحث ڪرڻ ئي نه گهرجي.  پاڻ وٽ ماحول ڪجهه اھڙو ۽ ائين آھي، ته غلط کي غلط چوڻ جي ڪڏھن ڀُلجي به غلطي نه ڪرڻ گهرجي، ڌُڪو نه ھڻجي. اندازو لڳائڻ واريون ڳالھيون نه ڪجن. غلط ته غلط ئي آھي، پوءِ ڇو نه اھو، ”مٺل جسڪاڻي“ ھجي، ضرورت آھي، ان امر جي، ”مٺل“ جي، تربيت ڪئي وڃي، جيڪي معاملا سمجهه ۾ نه اچن، انھن بابت پڇڻ گهرجي يا غلط ئي، لکڻ ضروري آھي؟ غلط ليک ٻين کي غلط معلومات ڏيندو، منجهائيندو، پر جيڪي ڄاڻن ٿا، انھن کي لکندڙ جي خبر پوندي آھي، ته ليکڪ ڪيتري ۽ ڪھڙي پاڻي ۾ آھي. پاڻ سڀني کي پھرين فرست ۾ ڪُوڙ ۽ خود خيال ڳالھيون بند ڪري، ھڪ ٻئي سان نيڪ نيتي ۽ خلوص وڌائڻ گهرجي، ائين نه ڪنداسين، ته پاڻ ڏکيا اڳي ئي آھيون، وڌيڪ ڏکيائيون وڌنديون ۽ ايندڙ نسل اڃا به گهڻيون مصيبتون ڀوڳيندو، وقتي فائدن تي دائمي فائدن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. غلط نه ڪرڻ گهرجي، نه ئي غلط جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي، پر ڇا ڪجي؟ اڻ پڙھيل، بي علم ماڻھن جي ڳوٺن ۾ ڄمڻ، نپجي وڏو ٿيڻ تائين، عجيب غريب ڏندڪٿائون ۽ وھمن وسوسن جون ڳالھيون ٻُڌڻ جو اھڙو ته منفي اثر حاوي رھندو پيو اچي، جو اُٺ ڪتابن جا پڙھڻ کان پوءِ به، اڪثريت انھن ئي بي پاڙين ڪُوڙين آکاڻين، قصن ۽ ڳالھين جي اثر مان نڪري نه سگهي آھي. رھيل حال، بچيل نُور ڪورونا وبا، موسمي تبديلين، عام سماجي رَوين ۽ وارتائن وڃائي، ختم ڪري ڇڏيو آھي.سرت، سمجهه، ساڃاهه، شعور، سھپ، صبر اٽي ۾ لوڻ برابر وڃي بچيو آھي! شايد ان ڪري ئي سوشل ۽ نان سوشل ميڊيا جي اڪثر ذريعن معرفت اھڙو مواد گهڻو ۽ عام آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به خطي، ملڪ ۾ ملڻ شايد ممڪن ئي نه آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو