97

قومي اقتصادي سروي رپورٽ ۽ بجيٽ سان لاڳاپيل اميدون…!!

ايڊيٽوريل

خزاني واري وفاقي وزير شوڪت ترين مالي سال 21-2020ع جي قومي اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته مالي سال 2021ع جي شروعات عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران ٿي، هن حڪومت موثر پاليسي جي ڪري ڪووڊ جي اثرن کي زائل ڪيو ۽ گذريل سال جولاءِ ۾ معاشي سرگرميون بحال ٿيڻ شروع ٿيون، سندس چوڻ هو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو ٽئڪس ڪليڪشن به بهتر ٿيو آهي ۽ 11 مهينن دوران اسان 42 کرب رپين تائين پهچي ويا آهيون، جيڪو گذريل سال کان 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مارچ کانپوءِ ماهوار بنيادن تي ٽئڪس ڪليڪشن جي واڌ 50 کان 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان ڪري اسان جو اندازو آهي ته اسان 47 کرب رپين واري ڪاٿي کان اڳتي نڪري وينداسين، هن چيو ته اندازي جي بنياد تي ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اهو ڪاٿو 58 کرب رپيا رکيو آهي، پرائمري بئلينس کي سرپلس ۾ وٺي ويا آهيون، جيڪو 12 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، خزاني واري وزير چيو ته هولسيل مارڪيٽ ۾ ماڻهو گهڻو مارجن ٺاهي رهيا آهن، جنهن کي اسان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان زرعي شعبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا گدام ۽ ڪولڊ اسٽوريج آڻي رهيا آهيون، جنهن سان اسان جي مافيا مان جان ڇٽندي ۽ اسان 4 کان 5 اهم شين ڪڻڪ، کنڊ ۽ دالين ۾ اسٽريٽجڪ رزرو ٺاهي رهيا آهيون جيئن ذخيرو نه ٿي، هن چيو ته اسان بجيٽ 5.7 ٽريلين جو رکيو آهي، 1.7 ٽريلين قرض وڌيو آهي، گذريل سال 3.7 ٽريلين قرض وڌيو، جنهن کان هن سال اڌ آهي، وياج جي شرح 13.2 کان گهٽائي 7 سيڪڙو تائين آندي وئي، اسان گروٿ کي 5، 6 ۽ 7 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ گروٿ آڻينداسين، اسان 4 سيڪڙو واڌ واري شرح تي آهيون، 7 کان 8 سيڪڙو واڌ واري شرح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پائيدار واڌ واري شرح جي ديرپا استحڪام لاءِ قدم کڻنداسين، هن بجيٽ ۾ غريب ماڻهو لاءِ ڌيان ڏنو ويو آهي، غريب جي زندگي آسان ڪرڻي آهي، ان جا خواب پورا ڪرڻا آهن ۽ هن بجيٽ ۾ غريب اسان لاءِ پهرين ترجيح هوندو.هن چيو ته آءِ ٽي 50 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي، ان کي 100 سيڪڙو تي وٺي وينداسين، ڀارت 10 سالن ۾ آءِ ٽي کي 100 سيڪڙو وڌايو، ڇا اسان وڌيڪ 50 سيڪڙو نٿا وڌائي سگهون؟ روايتي برآمدات کانسواءِ به ٻين شين جي برآمدات وڌائينداسين، اسان کي برآمدات ۽ سڌي ريت سرمائيڪاري وڌائڻي آهي.هن چيو ته نئين بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ خاص قدم کنيا ويندا، وڏين صنعتن جي واڌ جي شرح 9.9 سيڪڙو رهي، پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين، اها سان جي سرخ لڪير آهي، آءِ ايم ايف 150 ارب ٽئڪس وڌائڻ جي گهر ڪئي پر اسان انڪار ڪيو. اسان سمجهون ٿا ته خزاني واري وزير جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن، انهن تي ماهرن جا مختلف رايا آهن ۽ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته موجوده بجيٽ ۾ حڪومتي انڪار باوجود وڏي پئماني تي ٽئڪس لڳايا ويندا، جن جي خبر بجيٽ مان پوندي پر اسان سمجهون ٿا ته هن بجيٽ ۾ ملڪ جي غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملڻ گهرجي، ڇو ته گذريل ٽن سالن دوران عوام سڀني کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي ۽ خاص ڪري غريب عوام جو جيئڻ محال ٿي ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جنهن طريقي جي عزم جو غريبن لاءِ اظهار ڪيو آهي، ان تي عمل به ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو