135

ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جي معاملي تي سنڌ حڪومت سنگدلي جو مظاهرو ڪري رهي آهي: خرم شير زمان

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جي معاملي تي سنڌ حڪومت سنگدلي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ جي رٿا جي مد ۾ شايد 50 سال آهن، پنهنجي جاري بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جو بجيٽ 17 ارب رکيو جنهن مان صرف 7 ڪروڙ خرچ ڪيا، سنڌ حڪومت جون بسون شهرين لاءِ خواب بڻجي ويون آهن، سنڌ حڪومت شهرين کي نجي ٽرانسپورٽرز جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ڪراچيءَ ۾ مجموعي طور 329 روٽس آهن، 218 روٽس اهڙا آهن جن ۾ عوام بسن کان محروم آهي، محروم عوام رڪشائن ۽ ٽيڪسين جا مهانگا ڪِرايا ڀرڻ تي مجبور آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ جو مسئلو صوبائي حڪومت ڪڏهن پنهنجي ترجيحن ۾ شامل نه ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو