185

سپريم ڪورٽ ۾ اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻُڌڻي گرمين جي موڪلن کان بعد تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻُڌڻي گرمين جي موڪلن کان بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ هندن جي مذهبي عبادتگاهه ڌرم شاله ڪيرائڻ کان روڪيندي ڌرم شاله بابت قديمي آثارن واري سيڪريٽري ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ هڪ رڪني اقليتي ڪميشن جي فنڊز بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران چيئرمين هندو ڪائونسل رميش ڪمار مؤقف اختيار ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ هندن جي مذهبي عبادتگاهه ڌرم شاله کي ڪيرايو پيو وڃي. ڌرم شاله کي ڪيرائي نئين عمارت تعمير ڪئي پئي وڃي. ٻُڌڻي دوران اويڪيو ٽرسٽ بورڊ مؤقف اختيار ڪيو ته جنهن عمارت کي ڌرم شاله چيو ويو آهي اهو 1947ع کان هوٽل طور هلي رهيو آهي جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي احساس ناهي ته اوهان عدالت کي ڇا بيان ڏنو، عدالت آڏو سچ ڳالهائڻو هوندو آهي. ٻُڌڻيءَ دوران وڪيل حنا جيلاني مؤقف اختيار ڪيو ته اقليتي ڪميشن ۽ تعليمي نصاب تي اقليتي برادريءَ کي اعتراض آهي جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته تعليمي نظام تي ايترو جهيڙو ڇو آهي؟ بهتر آهي ته 1960ع وارو نصاب ٻيهر بحال ڪريو، 1960ع جي تعليمي نصاب تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو. عدالت ڪراچيءَ ۾ هندن جي مذهبي عبادتگاهه ڌرم شاله کي ڪيرائڻ کان روڪيندي ڌرم شاله بابت آثار قديمه واري سيڪريٽري ۽ ڪراچي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ هڪ رڪني اقليتي ڪميشن جي فنڊز بابت پڻ رپورٽ طلب ڪندي معاملو گرمين جي موڪلن کان بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو