169

اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر 2022ع لاءِ (آءِ ايف ايس بي) جي جنرل اسيمبليءَ جو چيئرمين مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر 2022ع لاءِ اسلامڪ فنانشل سروسز بورڊ (آءِ ايف ايس بي) جي جنرل اسيمبليءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ان جي مقرريءَ جي منظوري آءِ ايف ايس بي جي جنرل اسيمبلي پنهنجي 9 جون 2021ع تي رٿيل 19هين اجلاس ۾ ڏني. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر 20هين جنرل اسيمبليءَ جي چيئرمين طور پنهنجي مقرريءَ تي آءِ ايف ايس بي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبليءَ جو شڪريو ادا ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو