205

قومي گرڊ ۾ 1500 ميگاواٽ وڌيڪ بجلي شامل ٿيڻ سان لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته قومي گرڊ ۾ 1500 ميگاواٽ وڌيڪ بجلي شامل ٿيڻ سان لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سموريون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون هن وقت غير اعلانيه لوڊ مئنجمينٽ نه ڪري رهيون آهن، وڌيڪ بجلي پڻ سسٽم ۾ اڄ ئي شامل ڪئي ويندي. هن چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ 1500 ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿي وئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ بجلي چوري وارن علائقن ۾ بقايائن جي ادائگي نه ٿيڻ جي بنياد تي، ڪٿي بجلي جي نظام ۾ خرابي سبب بجلي جي بندش جو مُنهن ڏسڻو پئجي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو