202

لاڙڪاڻي ويجهو 06 سالن جو نينگر هيرا واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڌي فوت ٿي ويو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ويجهو 06 سالن جو نينگر هيرا واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڌي فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق ڪنگا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب خان شاهاڻي واسي 6 سالن جو نينگر عبدالستار شاهاڻي ڳوٺ ڀرسان هيرا واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي بيهوش ٿي پيو جنهن کي وارثن واهه مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر ڳوٺ ڀرسان هيرا واهه ۾ وهنجڻ لاءِ ويو جتي هو ٻڏي فوت ٿيو آهي. هوڏانهن فوتي نينگر جو لاش ايمبولينس نه ملڻ سبب وارث چنگچي ۾ کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو